نوشهروفيروز (رپورٽ: وقار حسن پٺاڻ) سنڌ هائي ڪورٽ جي حڪمن تحت سيشن جج نوشھروفيروز جناب نديم بدر قاضي ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي ۾ قائم لائبريري جو معائنو ڪيو. جڏھن تہ ھن دليپوٽا ۽ ٺاروشاہ ۾ پڻ لائبريرين جي روائيول لاء دورو ڪري انتظاميہ کي شاگردن کي وڌ کان وڌ سھولتون ڏيڻ جون ھدايتون جاري ڪيون
ان موقعي تي سيشن جج نوشھروفيروز چيو ته اسان کي هائي ڪورٽ جا حڪم آهن ته سنڌ اندر لائيبريرين کي بحال ڪرڻ لاء اپاء ورتا وڃن ته جيئن جيڪي شاگرد تعليم ۾ شوق رکن ٿا، انھن کي لائيبريرين اندر ڪتابن سميت مختلف سھولتون فراهم ڪيون وڃن
سندن چوڻ ھو تہ تعليم هر ماڻھوءَ جو بنيادي حق آهي ۽ رياست جي ذميواري آھي تہ انکي يقيني بنائي
سيشن جج نوشھروفيروز جو وڌيڪ چوڻ هو ته مونکي تمام گھڻي خوشي ٿي ته هن ننڍڙي شھر مٺياڻي ۾ لائيبريري جو بنياد رکيل آهي، ان موقعي تي سيشن جج محترم نديم بدر قاضي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته شاگردن کي گھڻي کان گھڻيون سھولتون فراهم ڪيون وڃن
واضح رھي تہ سيشن جج جي اوچتن دورن سبب لائبريرين کي فنڪشنل ڪيو پيو وڃي ء صفائي سٿرائي جا انتظام ڪيا پيا وڃن. سڄاڻ ڌرين نديم بدر قاضيءَ جي اھڙي عمل جي واکاڻ ڪئي آھي