You are at:Home»News»Local»نوشھرو فيروز: پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ جو مطالبو
نوشھرو فيروز(اي اين اين) نوشھروفيروز جي جوڙي عاصمہ ۽ راجا کوسو پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ بيان بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي سندن چوڻ ھو تہ ھنن پنھنجي مرضيءَ سان پسند جي شادي ڪئي آھي. عاصمہ جو چوڻ ھو تہ کيس ڪنھن بہ اغوا يا ڪا زور زبردستي ناھي ڪئي ھن پنھنجي مرضيءَ سان شريعت محمدي موجب راجا سان پسند جو پرڻو ڪيو آھي ۽ ھن مائٽن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھنن ڳالھ نہ مڃي، جنھن بعد مجبور ٿي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي
آخر ۾ جوڙي اعليَ اختيارين کان تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي
About Author