اسپتالن مان سولر پليٽون ۽ بيٽريون چوري ٿين پیون، علائقي جا ماڻھو ئي ملوث ھوندا جن خلاف شهری قدم کڻڻ: ڊي ايڇ او نوشهرو فیروز ڊاڪٽر مظهر ڪلھوڙو - Eye News Network

اسپتالن مان سولر پليٽون ۽ بيٽريون چوري ٿين پیون، علائقي جا ماڻھو ئي ملوث ھوندا جن خلاف شهری قدم کڻڻ: ڊي ايڇ او نوشهرو فیروز ڊاڪٽر مظهر ڪلھوڙو

0

نوشھرو فيروز(رپورٽ: منظور ملڪ/ای این این ایس) سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر ڪاظم علي جتوئيءَ جي خاص ھدايتن تي ضلع نوشھرو فيروز جي سمورين آر ايڇ سيز ۽ ڊسپينسريز کي سولرائيزيشن ڪرائڻ جو سلسلو جاري آھي، جڏھن ته بي ايڇ يوز کي اڳ ئي اھا سھولت موجود آھي انشاء الله سمورين اسپتالن مان جلد بجليءَ جي بحران مان جان آجي ڪرائي وٺنداسين
اھڙن خيالن جو اظهار ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر نوشھرو فيروز ڊاڪٽر مظهر علي ڪلھوڙو رورل ھيلٿ سينٽر مٺياڻي ۾ سولر سسٽم جو ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ سينئر اي این این ایس سان ڊي ايڇ او آفيس ۾ ڪيل ملاقات دوران گفتگو ڪندي ڪيو
ھن چيو ته اسانجي پهرین ترجيح آھي ته ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ ايندڙ غريب مريضن کي صحت جون سھولتون فراھم ڪريون ان سلسلي ۾ ضلعي ھيڊڪوارٽر اسپتال کي ضلعي جو درجو ڏيڻ لاء سموريون ڪوششون ڪتب آنديون آھن، جنھن جي نتيجي ۾ سول اسپتال کي ضلعي جو درجو ملي ويو آھي ۽ جلد ايس اين اي به منظور ٿي ويندي ھاڻي اسپتالن مان دوائن جي کوٽ کي پوري ڪرڻ سان گڏ آپريشن جون سھولتون پڻ ھتي فراھم ڪيون وينديون ۽ مريضن کي نوابشاھ يا ڪنھن ٻئي شھر ڏانھن ريفر نه ڪيو ويندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز چيو ته ھڪ سماجي شخص جي حيثيت سان سندس ڪوشش رھي آھي ته سول اسپتال ۾ وينٽيليٽرز کي جلد کان جلد انسٽال ڪري غريب مريضن کي سھولت فراھم ڪئي وڃي ان لاء بجيٽ جي ضرورت ھجڻ سان گڏ ٽيڪنيڪل اسٽاف يا عملي جو ھجڻ نھايت ضروري آھي، جيڪو حڪومت جو ڪم آھي ٰاسان اعليٰ عملدارن کي ان بابت مڪمل لک پڙھ ڪري ڇڏي آھي جلد اھو مسئلو به حل ٿي ويندو
ھن عوام کي اپيل ڪئي ته اسپتال ۾ اچڻ کانپوءِ صبر جو مظاھرو ڪن اسپتال عملي سان تعاون ڪن ۽ اسپتالن جي سڌاري لاء تجويزون ڏين ته سموريون سھولتون کين گهر ويٺي ملي وينديون باقي اڪيلي سر انتظاميا ڪجھ به نه ٿي ڪري سگهي عوام پنھنجن ادارن جي مالڪي ڪندو ته ان ۾ سندن ئي ڀلو آھي ڇوته ڪيترين ئي اسپتالن مان اڳ به پليٽون ۽ بيٽريون چوري ٿينديون رھيون آھن جنھن ۾ ظاھر آھي علائقي جا ماڻھو ئي ملوث ھوندا جن خلاف علائقي واسين کي ئي قدم کڻڻ گهرجن جيڪڏھن اڄ لڳل سولر سسٽم جي سنڀال ۽ مالڪي توھان نه ڪندو ته يقينن نقصان توھان جو ئي ٿيندو ان لاء علائقي واسين کي گهرجي ته اسپتال کي پنھنجو گهر سمجهن ۽ ضروريات پوري ڪرڻ لاء انتظاميا سان تعاون ڪن

About Author

Leave A Reply