مسلسل احتجاجن باوجود ڪو به کڙتيل نڪري نه سگهيو جنهن بعد 23 جولاءِ جي ڏينهن عاقب چانڊيو جي سئوٽ آفتاب چانڊيو کي کنڀي گم ڪيو ويو جن جو ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي
هوڏانهن لاڙڪاڻي مان ٻه مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي آزاديءَ لاءِ وارثن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي امتياز علي ڪلهوڙو، نياز علي ڪلهوڙو، محمد فياض ڪلهوڙو، علي رضا ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته اڄ پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو کي کنڀي گم ڪندي ٻه مهينا ٽي ڏينهن گذري چڪا آهن پر اڃان سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي
جڏهن ته لاڙڪاڻي مان ٻه مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل درزي نوجوان محمد رفيق عمراڻيءَ جي آزاديءَ لاءِ وارثن پاران ڪالهه به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي عبداللطيف عمراڻي، عباس علي عمراڻي ۽ ٻين چيو ته ٻه مهينا اڳ 8 سيپٽمبر جي ڏينهن نظر محلا ۾ قائم درزي جي دڪان مان نوجوان محمد رفيق عمراڻيءَ کي کنڀي گم ڪيو ويو، اسين گذريل ٻن مهينن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي
هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي آزاديءَ لاءِ جوڳا قدم کڻي کيس آزاد ڪرايو وڃي