نوشهروفيروزسول اسپتال جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج جاري، ايم اين اي بهڻ پاران سهڪار جو واعدو - Eye News Network

نوشهروفيروزسول اسپتال جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج جاري، ايم اين اي بهڻ پاران سهڪار جو واعدو

0

نوشهروفيروز (اي اين اين)سول اسپتال نوشهروفيروز کي ضلعي جو درجو نه ملڻ، ٽراما سينٽر بحال نه ڪرڻ، اين آءِ سي وي ڊي سينٽر نه کولڻ، اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران ڊيوٽيون نه ڪرڻ ۽ ٻيون سهولتون نه هجڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظمين پاران علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي

پي پي پي ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ، پ پ تعلقي صدر ۽ ضلعي وائيس چيئرمين پير قربان علي سهروردي پڻ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون

 ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته سول اسپتال نوشهروفيروز جي مسئلن تي هلندڙ احتجاج جائز آهي ۽ هو پارٽي قيادت بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ صحت واري وزير عذرا پيچوهو سان ڳالهائي جلد اسپتال جو مسئلو حل ڪرائيندا

هوڏانهن اڳواڻن، يونس راڄپر، خادم سيال، ايس يو پي جي عزيز ڦل، مهر وسطڙو، سڪندر ڪلهوڙو، عوامي تحريڪ جو غلام حسين سومرو، سنڌ يونٽي فورم جو اياز راڄپر، پ پ شهيد ڀٽو خالد چانڊيو، سپاف جو عبيد ميمڻ، جي يو آءِ قاري اشرف، مولانا حيدر علي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نوشهروفيروز ضلعي کي 29 سال ٿي ويا آهن ان جي باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز کي ضلعي جو درجو نه ڏنو ويو آهي

هنن اعلان ڪيو ته نوشهروفيروز اسپتال جون بنيادي سهولتون حل نه ٿيڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو ۽ 26 سيپٽمبر تي ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس آڏو احتجاج ڪري ضلعي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڪمشنر

.نوشهروفيروز کي ياد داشت نام ڏنو ويندو

About Author

Leave A Reply