ميرپور خاص: نوجوان پاڻي جي ٺاهيل هٿرادو کڏ ۾ ٻڏي فوت - Eye News Network

ميرپور خاص: نوجوان پاڻي جي ٺاهيل هٿرادو کڏ ۾ ٻڏي فوت

0

 ميرپورخاص (اي اين اين)پبلڪ اسڪول روڊ تي سرن جي بٺي جي پاڻيءَ جي کڏ ۾ 17 سالن جوگل ٻڏي فوت ٿي ويو. خبر موجب ملڪ رياض ڪالوني جورهواسي نوجوان حمزه گل سئوٽن سان گڏ پنهنجي چاچي جي سرن جي بٺي تي

.گهمڻ لا۽ ويو، جتي سڀئي نوجوان سرن جي بٺي لاءِ کوٽيل پاڻي جي کڏ ۾ وهنجڻ لڳا.

حمزه گل گهري پاڻي ۾ وڃڻ سبب ٻڏي ويو ۽ ڳولا بعد کيس ڪڍيو ويو ۽ کيس سول اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن بعد مڙھ گهر نيو ويو.

ياد رهي ته حمزه گل جي امڙ ڏيڍ سال اڳ فوت ٿي ويئي هئي. نوجوان کي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو

About Author

Leave A Reply