ميرپور خاص ۾ وڪيلن جو ڪالا باغ ڊيم خلاف مظاهرو - Eye News Network

ميرپور خاص ۾ وڪيلن جو ڪالا باغ ڊيم خلاف مظاهرو

0

ميرپورخاص(اي اين اين) سنڌو دريا ڊيم ٺاهڻ ۽ ڊيم جي حمايت ۾ هلندڙ مهم خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي سڏ تي  وڪيلن پارن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي  ڊسٽرڪٽ  بار آفيس کان ڪورٽ جي مک گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مّظاهرو ڪري ڊيم خلاف سخت نعريبازي ڪئي  ۽ بار پاران ڪالا باغ ڊيم خلاف ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو ويو

ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي بار جي جنرل سيڪريٽري شوڪت راهمون، ممتاز جروار، غفار ناريجو، علي حسن چانڊيو، دوست محمد ڪولاچي، حاجي قلندر لغاري، مولا بخش راهو ۽ ٻين چيو ته ڪالا باغ ڊيم سميت سنڌو دريا تي ٺهندڙ سمورن ڊيمن کي رد ڪريون ٿا

هنن  چيو ته جيڪا ڊيم جي حمايت ۾ مهم هلائي پئي وڃي ان عمل جي پڻ مذمت ڪجي ٿي ڊيم ٺاهڻ واري اعلان بعد عوام ۾ سخت بي چيني پکڙيل آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڊيم جي حمايت ۾ هلندڙ مهم فوري طور بند ڪري ڊيم کي ٺاهڻ وارو اعلان واپس ورتو وڃي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار پاران ڊيم جي خلاف ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو ويو

About Author

Leave A Reply