Save civil hospital Naushahro Feroze: Citizens held protest demonstration here on Thursday. (ENN)
نوشهروفيروز (اي اين اين) سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ سهولتن جي کوٽ، مريضن کي دوائون نه ملڻ، ٽراما سينٽر بحال نه ڪرڻ، دل ۽ ڊائلاسز سينٽر جي ايس اين اي منظور نه ڪرڻ، سرجن ڊاڪٽر مقرر نه ڪرڻ، عملي پاران ڊيوٽيون نه ڪرڻ خلاف اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي الڪوثر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
مظاهري جي اڳواڻي ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ عبد الشڪور عباسي، يونس راڄپر، خادم سيال، ڪائونسلرن ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ، معروف پيرزادو، شاهد خانزادو، ايڊووڪيٽ نور نبي راڄپر، ايس يو پي جي مهر وسطڙو، سڪندر ڪلهوڙو، عوامي تحريڪ جو خالد تنيو، غلام حسين،سيف الله ملڪ، قاري اشرف، شهري اتحاد جي زاهد تاج ميمڻ، ڪامريڊ مسرور چانڊيو، سپاف اڳواڻ عبيد ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا
ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نوشهروفيروز ضلعي کي 29 سال ٿي ويا آهن ان جي باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز کي ضلعي جو درجو نه ڏنو ويو آهي تعلقي جي بجيٽ ملڻ ڪري عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون نه پيون ملن اسپتال کي صرف ريفر سينٽر بڻايو ويو آهي هڪ سئو کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽