مورو ۾ باگڙين سان ظلم ڪندڙ پوليس عملدارن کي چيف جسٽس جي ڇنڊ، ايس ايس پي پاران حساب ڏيڻ جو واعدو، گرفتار اڳواڻ آزاد، عدالت ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو - Eye News Network

مورو ۾ باگڙين سان ظلم ڪندڙ پوليس عملدارن کي چيف جسٽس جي ڇنڊ، ايس ايس پي پاران حساب ڏيڻ جو واعدو، گرفتار اڳواڻ آزاد، عدالت ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو

0

مورو(اي اين اين ايس)چيف جسٽس سنڌ جناب جسٽس احمد علي شيخ ايس ايس پي نوشهرو فيروز ۽ ٻين پوليس عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي چيو آهي ته اھڙو عمل ڪري قانون جي خلاف ورزي ڪئي وئي آھي. اھو عمل برداشت نه ڪيو ويندو. غريب باگڙي برادري سان نا انصافي برداشت نه ڪئي ويندي. هن سندس حڪم تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيل پوليس عملدارن، باگڙي برادري ۽ وڪيل ثاقب ڪلھوڙو  جي موجودگي ۾ حڪم جاري ڪيو ته باگڙي برادري جي مردن، عورتن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي دھشتگردي جا جيڪي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن اھي فوري طور ختم ڪيا وڃن ۽ گرفتار سڀني ماڻھن کي آزاد ڪيو وڃي

باگڙي برادري جي گھرن جو جيڪونقصان ڪيو ويو آھي، سامان ۽ پئسا کنيا ويا آھن اھي باگڙي برادري کي ڏنا وڃن ۽ انھن جي مڪمل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي انھن کي معاوضو ڏنو وڃي

ايس ايس پي چيف جسٽس کي يقين ڏياريو ته جيڪو به نقصان گھرن جو ٿيو آھي انھن جي پائي پائي جو حساب باگڙي برادري کي ڏنو ويندو ۽ انھن جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته ميوي باگڙي جي اصل قاتل جي گرفتاري لاءِ فوري طور تي قدم کڻي انھن کي نروار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ھن چيو ته ڪنھن سان به ڪا زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين. مقتولا ميوي باگڙي جي وارثن سان انصاف ٿيندو، جنھن تي ايس ايس پي نوشھروفيروز امجد شيخ عدالت ۾ سڀني فيصلن تي عمل ڪرڻ لاءِ پنھنجي درخواست عدالت ۾ پڻ جمع ڪرائي ڇڏي

Advocate Saqib Kalhoro

مورو ۾ قتل ٿيل ميوي باگڙي احتجاج دوران باگڙي برادري ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي گرفتار ڪري دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف مورو جي سينئر ايڊوڪيٽ ثاقب ڪلھوڙو  سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ وٽ انصاف لاءِ درخواست ڏني هئي جنھن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اھڙي عمل جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز، ايس ايڇ او مورو چيف عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو

ايڊوڪيٽ ثاقب ڪلھوڙو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته انصاف جي حاصلات تائين سک سان نه ويهبو. ٻئي طرف مورو ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ مورو جي اڳواڻ اشرف لغاري جي اڳواڻي ۾ باگڙي برادري جي گھرن ۾ ٿيل ڦر لٽ ۽ ڀڃ ڊاھ جي سلسلي ۾ انھن جي گھرن جو دورو ڪيو. پوليس جي ٿيل زيادتي ۽ گھرن مان ڦر لٽ ڪرڻ تي ڪجھ موٽي آيل باگڙي برادري جي عورتن پڻ درد ڀريون داھون ڪندي روئي ڏنو ۽ انصاف جي گھر ڪئي آھي پوليس جي اھڙي زيادتي خلاف اشرف لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مورو ۾ قتل ڪيل باگڙي برادري جي عورت ميوي باگڙي جو ٻوري ۾ بند تشدد ٿيل لاش کي مورو اسپتال آندو ويو ھو جيڪا انتھائي بي دردي سان قتل ڪئي وئي مگر اصل قاتلن کي پوليس بچائي ھن مظلوم ناري جو خون لوڙھڻ ۾ مشغول آھي

انسانيت جي ناتي باگڙي برادري جي مدد ڪندڙ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ھاشم کوسو ، جسقم آريسر جي اشرف لغاري، عوامي تحريڪ جي غلام فريد ڪلھوڙو، نور سنڌي ۽ ٻين تي به دھشتگردي ايڪٽ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. باگڙي برادري جي عورتن ۽ مردن تي به دھشتگردي ايڪٽ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انھن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ واڙيو ويو باگڙي برادري جي گھرن ۾  پوليس حملا ڪري گرفتاريون ڪري گھرن مان ڦرلٽ ڪئي وئي انھن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيا ويا

هوڏانهن مورو ۾ ڪجھ ڏينھن گرفتار ڪيل عوامي ورڪرز پارٽي جي امير لغاري ۽ جي ايم سابقي جي نوشھروفيروز جي عدالت مان ضمانت منظور ڪئي وئي جن کي ڊسٽرڪٽ جيل نوشھروفيروز مان آزاد ڪيو ويو امير لغاري ۽ جي ايم سابقي مورو پھتا ته سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن يونس راھو، اسلم ڪوريجو، محمود اعواڻ، خادم بالادي، جنسار ڪلھوڙو، مخدوم اظھار، بلاول ڏاھري ۽ ٻين سندن جو شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي

About Author

Leave A Reply