جسقم جي 30 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران پي پي ۾ شموليت، ضياءَ لنجار پاران آجيان - Eye News Network

جسقم جي 30 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران پي پي ۾ شموليت، ضياءَ لنجار پاران آجيان

0

مورو(اي اين اين ايس)  مورو ۾  جسقم بشيرخان قريشي گروپ جي 30 کان مٿي   مرڪزي اڳواڻن سميت عھديدارن ۽ ڪارڪنن پنھنجن عھدن ۽ بنيادي ميمبر شپ تان استعيفي! ڏئي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

مورو ۾ لنجار ھائوس تي ٿيل ھڪ تقريب ۾ پي ايس 36 جي اميدوار ضياءالحسن لنجار تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪندي پريس ڪانفرنس ذريعي شموليت جو اعلان ڪيو. جيئي سنڌ قومي محاذ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري قاري عبدالحڪيم گھانگھرو، اڳوڻو مرڪزي اڳواڻ محبوب ابڙو، ضلعي جنرل سيڪريٽري اڪرم چانڊيو، جوائنٽ سيڪريٽري جسقم حيدرآباد معشوق ابڙو، تعلقي مورو جي صدر امين ڪلھوڙو، سٽي مورو جي صدر ياسين ملاح، جنرل سيڪريٽري ساجد نول، جسقم ڪنڊيارو جي نائب صدر عزيز گھانگھرو، جسقم ڪنڊيارو جي جنرل سيڪريٽري منٺار ابڙو، جساف ضلعي صدر سليمان چانڊيو، جنرل سيڪريٽري اشفاق پنھور، حيدر چانڊيو، عمران چنه، غلام

.مصطفيٰ ملاح، سيد رجب شاھ، نياز چانڊيو ۽ ٻين شموليت جو اعلان ڪيو

 ان موقعي تي ضياءُ الحسن لنجار چيو  ته شموليت ڪندڙ جسقم جي ساٿين کي جس ٿو ڏيان جن پي پي ۾ شموليت ڪري صحيح فيصلو ڪيو آھي  پ پ عوامي سمنڊ آهي ۽ پ پ ملڪ جي چئني صوبن جي عوامي پارٽي آهي ۽ اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ شهيد راڻي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي محبت سمايل آهي. ان موقعي تي فيروز احمد جمالي، شھاب الدين ملاح، محمد اسماعيل ڪورائي، رحيم بخش زرداري، جاويد مصطفي! ڪانڌڙو سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪن ۽

.شھري موجود ھئا

About Author

Leave A Reply