ميهڙ جا مقتول منشيات جي ڪاروبار۾ ملوث هئا، مخالفت سبب اسان تي الزام مڙهيو ويو،بيگناه آهيون، سردار خان چانڊيو - Eye News Network

ميهڙ جا مقتول منشيات جي ڪاروبار۾ ملوث هئا، مخالفت سبب اسان تي الزام مڙهيو ويو،بيگناه آهيون، سردار خان چانڊيو

0

لاڙڪاڻو(اي اين اين ايس) ميهڙ واقعي خلاف مسلسل احتجاجن کان پوءِ نواب سردار خان چانڊيو منظرعام تي اچي ميهڙ واقعي جي پسمنظر بابت حقيقتون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن. قمبر ۾ پنهنجي رهائش گاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي نواب سردار خان چانڊيو چيو ته ميهڙ واقعي سان اسان جو ڪو به تعلق نه آهي، واقعي ۾ نه مان ۽ نه ئي منهنجو ڀاءُ برهان چانڊيو ملوث آهي، اسان جي خلاف ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي

هن چيو ته مان اڳ به ميهڙ واقعي جي مذمت ڪئي ۽ هاڻ به ڪري رهيو آهيان، ان واقعي ۾ ٽي انساني جانيون زيان ٿيون. اسان جي مقتولن سان نه ڪا دشمني هئي نه آهي ۽ نه رهندي. 1984ع کان وٺي مقتولن جي خاندان لاءِ ذاتي جهيڙا هلندڙ هئا، ايتري قدر جو فيصلن ۾ ڌرين هڪٻئي کي سڱ چٽيون به ڏنيون، جهيڙن ۾ سهري ۽ ناٺي هڪٻئي کي بندوقون هنيون پر الزام هروڀرو اسان مٿان لڳايا ويا

هن چيو ته واقعي جي ايس ايس پي پير محمد شاهه جاچ ڪئي جنهن ۾ اسان جي خلاف ڪنهن به قسم جو ثبوت نه مليو، واقعي سان صرف اِها ڪڙي ظاهر ڪئي وئي ته اسان ڪنهن کي پنهنجي فون تان ميسيج ڪيو هو پر اسان اُهو فون سيٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو هو

هن مقتولن ۽ سندن وارثن سان اڻبڻت جو پسمنظر بيان ڪندي چيو ته 2005ع کان وٺي وارهه ۽ ڀرپاسي جي جابلو پٽيءَ ۾ مقتول آفيم ۽ ڏوڏي جي پئداوار ڪندا هئا جنهن خلاف منهنجي والد مرحوم شبير احمد چانڊيو ضلعي ناظمي واري دور ۾ اعليٰ اختيارين کي ڪاروائيءَ لاءِ لکيو ان سان گڏ مان جڏهن 2013ع جي عام چونڊن ۾ وارهه کان ايم پي اي ٿيس ته مان به آواز اٿاريندي واسطيدار ادارن کان آپريشن ڪرايا جنهن سبب گهڻي قدر منشيات جي پئداوار رڪجي وئي. ان معاملي تان ئي مقتولن جا وارث اسان کي بيگناهه واقعي ۾ ملوث ڏيکاري ڪردارڪشي ڪري رهيا آهن

هن چيو ته مقتولن جي وارثن سان گڏ ويٺل صدام، جبران، علي رضا چولياڻي ۽ ٻيا انتهائي سنگين ڪيسن ۾ ملوث آهن پر هُو سرعام ويهي پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي واقعي ۾ ملوث قرار ڏئي رهيا آهن کين ڪو به چوڻ وارو نه آهي. هن چيو ته اسان کي سوشل ميڊيا تي بدنام ڪيو پيو وڃي، پوليس انڪوائريءَ ۾ بيگناهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ مقتولن جي وارثن انڪوائري رپورٽ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، اسان اُتي به پيش ٿي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون

سنڌ جو اڳوڻو آءِ جي اي ڊي خواجه پاڻ چئي چڪو هو ته اسان واقعي ۾ ملوث نه هئاسون، اسان ٽرائل ڪورٽ کان وٺي اعليٰ عدليه تائين منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، صرف اِهو ڏٺو وڃي ته جنهن وقت منهنجي ڀاءُ برهان خان چانڊيو کي واقعي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو تنهن وقت کان ٻن ڪلاڪن جي اندر هو ٽنڊو محمد خان ڪيئن پهتو؟ جنهن جون ڪيتريون ئي ثابتيون موجود آهن

هن چيو ته بنا ثبوت جي ڪنهن جي مٿان الزام لڳائڻ نامناسب عمل آهي، اسان پاڻ اِهو چاهيون ٿا ته جيڪي جوابدار خونن ۾ ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته اِها گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته مختيار چانڊيو ساڍا 6 مڻ چرس واري ڪيس ۾ سکر ۾ چالان ٿيل آهي ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ خود ڪرم الله به منشيات ۾ ملوث هو

هن چيو ته اسان کي مقتولن جي نياڻين لاءِ عزت ۽ احترام آهي، هو مظلوم آهن پر کين الزام لڳائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي خلاف ميڊيا ٽرائل نه رڪيو ويو ته اسان ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪرائينداسين

About Author

Leave A Reply