جي ڊي اي اڳواڻن حڪومت ۾ هوندي ڪجهه نه ڪيو، پي پي هاڻي وڌيڪ مضبوط آهي: ضياءُالحسن لنجار - Eye News Network

جي ڊي اي اڳواڻن حڪومت ۾ هوندي ڪجهه نه ڪيو، پي پي هاڻي وڌيڪ مضبوط آهي: ضياءُالحسن لنجار

0

(نوشهروفيروز (خادم سيال وٽان

نوشهرو فيروز جي تڪ پي ايس 36 تان اميدوار اڳوڻي وزير ضياءُالحسن لنجار صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نوشهروفيروز ضلعي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳ کان به وڌيڪ پوزيشن مضبوط آهي. جي ڊي اي يا سيد جتوئي اتحاد جهڙا به نالا بدلائي اچي اليڪشن ۾ بيهن پر پيپلزپارٽي انهن کي شڪست ڏيندي ڇاڪاڻ ته مخالفن سڄي عمر حڪومت ۾ رهندي به نوشهروفيروز عوام کي ڪو به رليف نه ڏنو ۽ سڄي ضلعي کي کنڊرات بڻائي ڇڏيو.سان اچڻ سان ئي ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي

ضياءُالحسن لنجار هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پارٽي طرفان ٽڪيٽون نه ملڻ تي ناراض ٿيل دوستن کي پارٽي جو فيصلو قبول ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪجهه دوست ناراض آهن ته انهن کي به اسان پرچائي وٺنداسين

ضياءُالحسن لنجار پاران لنجار هائوس مورو تي افطار پارٽي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ضلع ڪائونسل جي چيئرمين عبدالستار عباسي، قومي تڪ 211 جي پ پ اميدوار سيد ابرار حسين شاهه، قومي تڪ 212 جي اميداور ذوالفقار علي بهڻ، پي ايس 35 جي اميدوار ممتاز علي چانڊيو، پي ايس 33 جي اميدوار سيد سرفراز علي شاهه کانسواءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن، مختلف ڳوٺن جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي شهاب ملاح، دوست علي سولنگي، خان بهادر ڀٽي، محمد ياسين چانڊيو، لالا شوڪت بلوچ سميت ڪيترائي ورڪر ۽ جيالا موجود هئا

About Author

Leave A Reply