پوليس خلاف شڪايت ٿا ڪريو! ڊي آئي جي سکر ٻن ڳوٺاڻن کي لاڪپ ڪرائي ڇڏيو، عدالتي حڪم تي آزاد، پوليس عملدارن جا وارنٽ جاري - Eye News Network

پوليس خلاف شڪايت ٿا ڪريو! ڊي آئي جي سکر ٻن ڳوٺاڻن کي لاڪپ ڪرائي ڇڏيو، عدالتي حڪم تي آزاد، پوليس عملدارن جا وارنٽ جاري

0

سکر(اي اين اين ايس) سکر جي ڊي آءِ جي، پوليس خلاف شڪايتون ڪرڻ تي درخواستگذار ڳوٺاڻن کي  لاڪپ ڪرائي ڇڏيو، عدالت ٻنهي ڳوٺاڻن کي آزاد ڪندي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. روهڙي جي سيڪنڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ زوهيب احمد گهمرو ٻن ڳوٺاڻن بهار علي عرف گلبهار جاگيراڻي ۽ اصغر جاگيراڻي کي ناحق گرفتار ڪرڻ تي دبر ٿاڻي جي ايس ايڇ او عرفان ڀنڀرو ۽ وڏي منشي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايس ايس پي سکر کي حڪم ڏنو آهي ته ڄاڻايل اهلڪارن کي گرفتار ڪري 11 جون تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

ڳوٺاڻن جي وڪيل اشفاق شاهه ٻڌايو ته دبر پوليس جي زيادتين خلاف ڄاڻايل ڳوٺاڻا اڱاري ڏهاڙي درخواست کڻي ڊي آءِ جي سکر خادم حسين رند سان ملڻ ويا هئا، ڊي آءِ جي سندن شڪايت ٻڌڻ بدران اهو چئي ڳوٺاڻن کي پوليس هٿان گرفتار ڪرائي ڪرائي ڇڏيو ته ”پوليس خلاف شڪايتون ٿا ڪيو“. جنهن تي دبر پوليس چوري جي داخل ايف آءِ آر ۾ نامعلوم ماڻهن ۾ ٻنهي ڳوٺاڻن جا نالا ڪڍي کين ريمانڊ لاءِ روهڙي جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو

هنن عدالت کي ٻڌايو ته دبر پوليس بناڪنهن ڪيس جي سندن گهرن تي چڙهايون ڪري ڦرلٽ ڪندي هئي، جنهن جي شڪايت ڪرڻ تي ڊي آءِ جي ابتو ڳوٺاڻن کين گرفتار ڪرايو آهي، هو بيگناهه آهن، جنهن تي عدالت گرفتار ڪيل ٻنهي ڳوٺاڻن کان هڪ لک جا مچلڪا وٺي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڳوٺاڻي بهار علي عرف گلبهار جي سڌي فرياد تي

.دبر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

About Author

Leave A Reply