مٺياڻي لڳ زمين جي تڪرار تان نوجوان قتل، جوابدار فرار - Eye News Network

مٺياڻي لڳ زمين جي تڪرار تان نوجوان قتل، جوابدار فرار

0

مٺياڻي(اي اين اين ايس)مٺياڻي ويجهو ڳوٺ درياء خان پنهور ۾ پراڻي زميني تڪرا ر تان 30 سالن جي نوجوان ممتاز علي پنهور کي هٿيار بندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار واردات بعد فرار ٿي ويا

اطلاع ملڻ تي مٺياڻي پوليس جاء واردات تي پهچي مقتول جو لاش مٺياڻي اسپتال کڻائي آئي. واقعي بعد مقتول جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو

مقتول جي ڀاء دلدار پنهوراي اين اين کي  ٻڌايو ته سندن ڳوٺ جي پنهور برادري جي ماڻهن سان زميني تڪرار هلندڙ هيو، ان ڪري سندس ڀاء کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي

About Author

Leave A Reply