لاڙڪاڻو: مختلف واقعن ۾ 2 نوجوان قتل، جوابدار فرار. حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت، 18 زخمي - Eye News Network

لاڙڪاڻو: مختلف واقعن ۾ 2 نوجوان قتل، جوابدار فرار. حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت، 18 زخمي

0

لاڙڪاڻو(اي اين اين) لاڙڪاڻي ويجهو پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد عاقل روڊ وٽان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان نعيم چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال پهچايو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته نوجوان ڳوٺ لهڻو خان چانڊيو جو رهواسي آهي ۽ لاڙڪاڻي شهر ڏانهن وڃي رهيو هو ته هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، پوليس ٻڌايو ته زمين جي مامري تان سندس ذات وارن سان گذريل ڏينهن منهن ماري ٿي هئي جنهن ڳالهه تان نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي

ٻئي طرف لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد غريب آباد محلي ۾ اڻ سڃاتل هٿياربند فائرنگ ڪري 35 سالن جي نوجوان ذوالفقار عباسي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ مقتول جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو. جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

ان موقعي تي مقتول جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ملڪيت جو معاملو هلندڙ آهي باقي ڪنهن سان ڪا به دشمني نه آهي، نوجوان کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي

حاثي ۾ 2 ڄڻا فوت، 18 واپاري زخمي

لاڙڪاڻو:لاڙڪاڻو، خيرپور پل راضي ديرو ويجهو رڍن جي واپارين سان ڀريل شهزور ڊاٽسن ۽ ٽرڪ جو آمهون سامهون ٽڪر، نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت، 18 کان وڌيڪ واپاري زخمي ٿي پيا

ان سلسلي ۾ ڪنڍيارو ٻاهران رڍن جي لڳل ميلي ۾ واپاري شوقين ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد واپس پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته راضي ديرو ويجهو شهزور ڊاٽسن جو ٽڪر سان آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ مدئجي ويجهو سونڊو خان شر جو رهواسي وڏيرو شر ۽ رتوديرو ويجهو ڳوٺ بروهين جي ڳوٺ جو رهواسي شاد محمد بروهي، عرض محمد منگي، عبدالغني شر، اختيار شر، رحمدل شر، معتبر شر، سوائي شر، نظام شر، علي گل

.شر، صلاح شر، ملهار شر، غلام مصطفيٰ لاشاري، الله بخش خروس سميت 18 کان وڌيڪ واپاري سخت زخمي ٿي پيا

شديد زخمين کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جن مان ٻه ڄڻا وڏيرو شر ۽ شاد محمد بروهي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا

About Author

Leave A Reply