باقراڻي ۾ جنوني شخص والد، ڀيڻ ۽ ڀاڄائي کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو - Eye News Network

باقراڻي ۾ جنوني شخص والد، ڀيڻ ۽ ڀاڄائي کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

0

لاڙڪاڻو(رپورٽ:سيد  جاويد شاه)باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مڏباهو ۾ 38 ورهين جي ڳيريلو ٽائون ڪاميٽي جي ملازم منصب کيڙو پنهنجي پيرسن والد 65 ورهين جي همت علي کيڙو، نوجوان ڀيڻ 30 ورهين جي سيما زال لال بخش کيڙو ۽ 35 ورهين جي ڀاڄائي مسرت زال محمد شريف کيڙو مٿان پسٽل جا فائر ڪري کين موقعي تي ئي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان به پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

فائرنگ جي آواز تي پاڙيسري ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا ۽ اهڙي واقعي جو اطلاع باقراڻي پوليس کي ڏنو ويو جنهن بعد ڊي ايس پي باقراڻي غلام مرتضيٰ ميراڻي، ايس ايڇ او باقراڻي محمد مٺل ککراڻي واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش تحويل ۾ ورتا بعد ۾ ايمبولينس ذريعي فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيا

ان موقعي تي ايس ايڇ او باقراڻي محمد مٺل ککراڻي صحافين کي ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ تان هڪ پسٽل ۽ ٻه مئگزين هٿ ڪيا آهن. ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته جوابدار منصب کيڙو پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي والد همت علي، ڀيڻ سيما ۽ ڀاڄائي مسرت کي قتل ڪرڻ بعد خودڪشي ڪئي آهي

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار نشو ڪندو هو ۽ ڊپريشن جو شڪار هو سندس علاج به هلندڙ هو جڏهن ته هن واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي جوابدار منصب کيڙو جي ڀيڻيوي ۽ سالي لال بخش کيڙو صحافين کي

.ٻڌايو ته منصب کيڙو نشو ڪندو هو ۽ سندس دماغي علاج به هلندڙ هو

About Author

Leave A Reply