محبوبہ کی بیوفائی سے مایوس نوجوان کی خود سوزی کی وڈیو، مورو ۾ نوجوان محبوبه جي بيوفائيءَ سبب زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو - Eye News Network

محبوبہ کی بیوفائی سے مایوس نوجوان کی خود سوزی کی وڈیو، مورو ۾ نوجوان محبوبه جي بيوفائيءَ سبب زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو

0

https://www.youtube.com/watch?v=vJ33ZI9Bkvk&feature=youtu.be

(مورو(اي اين اين

مورو شھر جي سرھيه محلا ۾ نوجوان مھر علي ولد ممتاز علي ٻرڙو محبت ۾ ناڪاميءَ تي مايوس ٿي زھريلو ڪارو پٿر کائي خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي.  نوجوان کي ترت مورو اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني وئي ۽ ڪارو پٿر ڪڍڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪاري پٿر جو زھر مڪمل طور جسم ۾ ڦھلجڻ سبب نوجوان مھر علي ٻرڙو بچي نه سگهيو

  ان حوالي سان نوجوان جي آخري ويڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هو فنڪاره ماروي سنڌو کي چئي رهيو آهي ته تو وعدا ۽ قسم نه پاڙيا، هاڻي اهو قرآن توکي پڄندو، اسان جي علي، علي ۽ ان بعد هو شربت ۾ ڪرو پٿر پي ڇڏي ٿو. حيران ڪندڙ ڳالهه اه به آهي ته وڊيو ڀريندڙ دوست کيس روڪي نٿو سگهي

Marvi Sindhu, File photo

اھڙي خبر پوڻ کانپوءِ نوجوان جا مٽ مائٽ دوست ۽ شھري وڏي انگ ۾ مورو اسپتال پھتا، ھوڏانھن قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو

جمع واري صبح جو سوير سندس تدفين ڪئي وئي

خانداني ذريعن موجب مهر علي ۽ ماروي سنڌو جي دوستي هئي ۽ هنن ان جو رشتو به گهريو هيو جيڪو ابتدائي طور قبول ٿيو پر بعد ۾  ماروي ڪنهن ٻئي ماڻهو سان رشتو ڪري ڇڏيو، جنهن تان مايوس ٿي مهر علي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. ياد رهي ته ڪجه وقت اڳ مهر علي جي امڙ پڻ لاڏاڻو ڪري وئي هئي

واضح رهي ته اي اين اين پاران ماروي سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان سان رابڀو نه ٿي سگهيو

About Author

Leave A Reply