ملازمت دوران فوت ٿيل ملازمن جي پونئيرن کي نوڪري ترت ڏيارڻ جي هدايتن - Eye News Network

ملازمت دوران فوت ٿيل ملازمن جي پونئيرن کي نوڪري ترت ڏيارڻ جي هدايتن

0

 (ڪراچي (اي اين اين

   سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري محمد رمضان اعواڻ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ سڀني ذميوارن کي چيو ويو آهي ته هو ڪنهن به سرڪاري ملازم جي اوچتي موت جي صورت ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ڪو ذميوار عملدار

.ان جي تدفين ۾ شرڪت ڪري ۽ ان حوالي سان ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪري

واضح رهي ته اهڙي هدايت هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ ڪندي نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فوت ٿيل ملازم جي پونئيرن کي نوڪري ڏيڻ ۽ انهن جون بقايائون ڏيڻ ۾ روايتي سمريون موڪلڻ بجاءِ فوتي جي

.وارثن سان ملي ترت کان ترت گهرجون پوريون ڪيون وڃن

ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ آئيني پٽيشن نمبر ڊي 2637،  2946 ۽ 2948، 2015 جي ٻڌڻي ڪندي ان جي

.حڪم نامي ۾ اهڙيون هدايتون جاري ڪيون هيون

About Author

Leave A Reply