قاتل گرفتار ڪريو“ ڳوٺاڻن جو مظاهرو ، واپڊا خلاف احتجاج” - Eye News Network

قاتل گرفتار ڪريو“ ڳوٺاڻن جو مظاهرو ، واپڊا خلاف احتجاج”

0

 لاڙڪاڻو: قمبر جي ڳوٺ شير محمد بليدي جي رهواسين ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ نائين ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيارل بليدي دانهيو ته 5 سال اڳ جوابدارن غلام مصطفيٰ بليدي، رجب بليدي، آغا بليدي، امداد بليدي، الله جڙيو بليدي، عبدالرسول بليدي ۽ ٻين پاڻي جي ڳالهه تان فائرنگ ڪري ڀاءُ محمد عاقل بليدي، ڀائيٽي اربيلي ۽ سئوٽ ڄام بليدي کي بيگناهه قتل ڪري مون سميت پٽ دلبر علي، ڀائيٽن عاشق ۽ الله پرتو

.کي زخمي ڪري ڇڏيو هو

واقعي جو ڪيس حد جي ڊرگهه ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

واپڊا خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو: جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان شهر ۽ آسپاس واري علائقن ۾ واپڊا جي زيادتين خلاف جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن اطهر سومرو، عزيز شيخ ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي جي شهرين ڏانهن بيگناهه ڳرا بل، ڊڊڪشن بل موڪلي بل ادا ڪرڻ جي باوجود مختلف علائقن مان ٽرانسفارمر لاهي روزانو جي بنياد تي 18، 18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ پڻ ڪئي پئي وڃي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ، ڳرا ۽ ڊڊڪشن بل موڪلڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي

.ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

”زال ۽ پٽ بازياب ڪرايو“ ڳوٺاڻي جو احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ويجهو ماهوٽا جي ڳوٺ عبدالسلام جي رهواسي حاڪم علي چاچڙ مبينا طور اغوا ٿي ويل گهر واري ۽ پٽ جي بازيابيءَ لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيو ته ڪجهه مهينا اڳ اڳ بااثرن منهنجي گهر واري نجمه ۽ پٽ عامر خان کي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، کين مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ پوليس کي شڪايت ڪئي پر ان جي باوجود ٻنهي جي بازيابي ممڪن نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري آءُ سخت پريشان آهيان. احتجاج ڪندڙ حاڪم علي چاچڙ مطالبو ڪيو آهي ته مبينا اغوا ٿي ويل گهر واري ۽ پٽ کي بازياب

.ڪرائي انصاف ڪيو وڃي

     ماريل ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نظر محلا جي رهواسين شمن عرف مور چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي امام زادي، صاحبه خاتون، نجم الدين چانڊيو ۽ ٻين دانهيو ته سال 2011ع ۾ شمن عرف مور چانڊيو کي بيگناهه قتل ڪيو ويو جنهن واقعي جو ڪيس حد جي رحمت پور ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي. هنن الزام لڳايو ته پوليس جوابدار ڌر کان 7 لک روپيه رشوت وٺي کين گرفتار نه پئي ڪري جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته مقتول شمن عرف مور چانڊيو جي قاتلن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي

ڪتاب نعت منهنجي زندگي

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ تنظيم فيضان نعت ڪائونسل جي چيئرمين محمد مظهر عباسي قادري جي لکيل ڪتاب ”نعت منهنجي زندگي آ“ جي مهورت ٿي گذري جنهن ۾ ڊاڪٽر الله بخش ابڙو، سعيد احمد نقشبندي، جاويد احمد ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محمد مظهر عباسي چيو ته منهنجي لکيل ڪتاب ۾ حمد، نعت، منقبت موجود آهن، ان سان گڏ اسين نعت خوانن کي نعت پڙهڻ جي تربيت پڻ ڏيندا آهيون

هن وقت اسان وٽ ڪيترائي شاگرد نعت جي سکيا حاصل ڪري رهيا آهن ۽ هتان نعت شريف پڙهڻ سکي ڪيترائي شاگرد آقا صلي الله عليه وآله وسلم جا نعت پوري ملڪ جي ماڻهن کي ٻڌائي رهيا آهن جيڪا اسان جي ڪاميابي جي نشاني آهي.

منهاج القرآن يوٿ پاران سالگره

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ منهاج القرآن يوٿ ليگ جي 29 هين سالگرهه واري تقريب شهر جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مرڪزي صدر محمود علوي چيو ته نوجوان قوم جو سرمايو آهن جيڪي ڪنهن به ملڪ جي معاشري ۾ امن ۽ انقلابي تبديلي جا اصل نشاني آهن ۽ هو معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن ٿا

سيف الله چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جي اڪثريت آهي ۽ اهي نوجوانن ئي آهن جن پاڪستان ٺاهيو پر افسوس جو پاڪستان ٺهڻ کان بعد اڄ ڏينهن تائين حڪمرانن جي حوس ۽ نااهلي جي ڪري نوجوانن کي قومي سطح تي استعمال ٿيندو رهيو آهي ۽ انهن کي بيوسيءَ جي دٻڻ ۾ ڌڪيندي انهن ۾ محرومي پئدا ڪئي وئي آهي

هوڏانهن تقريب ۾ حافظ گل حسن جتوئي، اياز حسين جعفري، حافظ يونس ڌامراهه، حفيظ الله شاهه، قاري علي خان، امجد علي، حافظ احمد علي عباسي، حافظ روشن، علي شير جتوئي، حافظ بشير احمد شيخ، امير علي، امان الله ۽ سيد دانش پڻ خطاب ڪندي نوجوانن جي ڪردار تي روشني وڌي. جنهن بعد مولانا حافظ گل حسن جتوئي حسيني کي منهاج

.القرآن يوٿ ليگ سنڌ جو صدر پڻ مقرر ڪيو ويو

شاگردن جي منٿلي ٽيسٽ

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ويجهو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڦل ۾ شاگردن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ منٿلي ٽيسٽ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ رتبه ڦل، زيب النساءَ، عاقب، شعيب علي ۽ نبيلا پوزيشنون کنيون جن کي اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي شمع منگي، استادن انتظار حسين ڦل، وحيد علي ميمڻ، منظور احمد ميمڻ، محمد اسحاق ڦل ۽ ٻين ٽرافيون ۽ انعام پڻ ورهايا

ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي شمع منگي چيو ته اسان کي استادن سان گڏجي هن اسڪول کي مثالي اسڪول بڻائڻو آهي، ماهوار ٽيسٽ منعقد ڪرڻ جو مقصد هتان جي شاگردن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي جيئن هو بهتر تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو هٿ ونڊرائن ۽ کين انعام ڏيڻ سان انهن جي حوصلا افزائي

.پڻ ٿيندي آهي

About Author

Leave A Reply