لاڙڪاڻو( سينئررپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ آبادگار هاري اتحاد جي سڏ تي سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين کي سارين توڙي ڪمند جو گهٽ اگهه ڏيڻ خلاف لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن جي آبادگارن ۽ هارين سميت جميعت علماءِ اسلام (ف)، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ۽ ٻين سياسي توڙي سماجي تنظيمن پاران سنڌ جي گهرو وزير ۽ زراعت کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاهه آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي
ڌرڻي ۾ شامل هارين ۽ آبادگارن توڙي سياسي ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري زراعت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگار ۽ هاري اڳواڻن عرفان علي جتوئي، ارسلا سيلرو، جي يو آءِ اڳواڻ محبت علي کهڙو ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ ۾ هن وقت سارين جو فصل تيار آهي پر ايڪسپورٽرن ۽ رائيس مل مالڪن جي ملي ڀڳت سبب سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين جو استحصال ڪري کين گهٽ اگهه ڏنا پيا وڃن ۽ ان اگهه سان
.غريب هارين جو خرچ به ٿو نڪري
لاڙڪاڻو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو ساجد امير سدوزئي جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس مختلف علائقن ۾ ڪاروايون ڪندي جوارين سميت 15 ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪري مختلف ٿاڻن ۾ سندن مٿان اهڙا ڪيس پڻ داخل ڪري ورتا آهن
ايس ايس پي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب مارڪيٽ پوليس رائل روڊ وٽ چيڪنگ دوران مقابلي بعد جوابدار علي رضا لغاري کي پسٽل ۽ گولين سميت، وليد پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 8 جوارين نبي بخش، عامر، رشيد، سنتوش، نديم، عمران، طالب ۽ نادر کي گرفتار ڪري سندن وٽان 7300 روپيه روڪ رقم ۽ 6 موبائل فونون، لاشاري پوليس روپوش جوابدار احمد علي ڪورڪاڻي کي جهلي ورتو
جڏهن ته الهه آباد پوليس روپوش جوابدار عبدالله عرف شيرو بروهي کي، سول لائين پوليس جوابدار زوهيب چنه کي اڌ ڪلو چرس سميت، تعلقي ٿاڻي جي پوليس جوابدار حاجن عرف حاجو ڪارو ککراڻي کي 5 ڪلو ڀنگ سميت، ڏوڪري پوليس جوابدار ميهر جتوئي کي 100 گرام چرس سميت ۽ حيدري پوليس جوابدار هارون جتوئي کي 100 گرام چرس
.سميت گرفتار ڪري ورتو آهي
لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ صفدر علي ڪورائي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگرديءَ جي جنگ ۾ دنيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، آمريڪا جي پاڪستان جي مٿان تنقيد جي سخت مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان جي آرمي طالبانن اڳيان ديوار بڻيل آهي پر آمريڪا ڪروڙين روپيا خرچ ڪري به دهشتگردن خلاف ڪي واضع ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پاڪ فوج پنهنجي قابليت تي وڏا وڏا دهشتگرد ماري ۽ گرفتار ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن
لاڙڪاڻو: سماجي ڀلائي کاتي سنڌ جي صوبائي صلاحڪار شميم ممتاز جي خاص هدايتن تي ٻارن جي عالمي ڏهاڙي کي ملهائڻ لاءِ کاتي طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو کان تقريبن جي شروعات ڪندي گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوائز ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي معذور ٻارن جي اداري لاڙڪاڻي جي خصوصي شاگردن ۽ هاءِ اسڪول جي ٻارن حصو ورتو
تقريب ۾ ڊائريڪٽر جنرل سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ سنڌ محمد رحيم لاکو مهمان خاص هو. تقريب ۾ خصوصي ٻارن توڙي هاءِ اسڪول جي شاگردن ٻارن جي حقن جي متعلق تقريرون ڪيون ۽ نغمه پيش ڪيا. تقريب ۾ فهيم اطهر ڀٽو ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر لاڙڪاڻو، امتياز حسين جوکيو ڊپٽي ڊائريڪٽر آر سي ايم ايڇ سي ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان بعد خصوصي ٻارن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي دعا پڻ گهري
لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ آريجا ڦيڙهو جي رهواسڻ عورت صاحبه خاتون بروهي ٻارڙن تانيه ۽ ثانيه سان گڏجي ڀائٽن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيو ته اسان جي اباڻي ملڪيت ۾ 6 هزار فوٽي ايراضي تي جڳهه ۽ پلاٽ آهي جنهن تي ڀائٽن وزير، نظير، فدا ۽ گدا حسين بروهي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان لاءِ مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون وڃن، ان لاءِ حد جي ٿاڻي جي پوليس کي شڪايت ڪئي آهي