بيگم نصرت ڀٽو جي ورثي، سردار شاهه خلاف احتجاج، پوليس بااثر جي ونگار ۾ لڳل - Eye News Network

بيگم نصرت ڀٽو جي ورثي، سردار شاهه خلاف احتجاج، پوليس بااثر جي ونگار ۾ لڳل

0

لاڙڪاڻو(سينئر رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران بيگم نصرت ڀٽو جي ڇهين ورسي المرتضيٰ هائوس ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي جنهن ۾ قرآن خواني ڪري ننگر پڻ ورهايو ويو. تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اڳواڻن ڊويزنل صدر صدر عنايت علي عمراڻي، ضلعي آرگنائيزر فقير حبيب پتوجو، مختيار احميد ڀٽو، محمد رمضان رند، برڪت علي ميراڻي، جاويد احمد لاهوري، لطف الله شيخ، محراب علي ڀٽو، بشير احمد عمراڻي ۽ ٻين چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جون ملڪ، قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ۽ هن ضياءَ جي ڪاري دور ۾ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ ڊگهي جدوجهد دوران ڪيئن تڪليفون برداشت ڪيون ان کان علاوه ملڪ، قوم ۽ جمهوريت خاطر پنهنجو سڄو خاندان قربان ڪري ڇڏيو. اڄ ان عظيم امڙ کي اسين خراج تحسين پيش ڪري سرخ سلام پيش ڪريون ٿا

Nusrat Bhutto and BB

لاڙڪاڻو: تنگواڻي تعلقي جي ڳوٺ بگن خان لاڙو جي رهواسي صدام حسين بجاراڻي عزيزن سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته گذريل شام ايس ايڇ او غوثپور غلام قادر جتوئي بااثر جي چرچ تي کيس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، بعد ۾ لاڪپ مان ڪڍي چيائين ته توهان جي زمين بااثر علائقي جي زمينن جي وچ ۾ آهي، جيڪا ان حوالي ڪيو، جنهن تان انڪار ڪري ايس ايڇ او ڪاوڙ ۾ اچي مون مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن تون ائين نه ڪيو ته توکي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏينداسين، جنهن جي خوف کان مان کيس چيو ته مان وڏيري کي زمين لکي ڏيان ٿو مونکي نه ماريو، جنهن بعد مونکي آزاد ڪري ٻن ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي

 لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سول سوسائٽي، اديبن سميت مختلف تنظيمن سان واسطو رکندڙ اڳواڻن پاران ثقافت کاتي سنڌ جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي اڳواڻن صوبائي وزير خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر ذوالفقار علي چانڊيو، غازي جروار، سجاد چانڊيو، نادر سولنگي، وزير علي شيخ، آفتاب ميراڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ اداڪار، فنڪار، ليکڪ، اديب ۽ شاعر جي علاج لاءِ رکيل رقم ۾ انهن جي ڪا به مدد ناهي ڪئي وئي ۽ ويتر اها رقم صوبائي وزير هڙپ ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري انهن جي زندگين کي خطرو وڌي ويو آهي. احتجاج ڪندڙن پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته علاج لاءِ رکيل رقم مستحق فنڪارن، اديبن ۽ ليکڪن کي ڏئي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کي هٽايو وڃي

About Author

Leave A Reply