نيب وٽ ڪرپشن جا پئسا موٽائيندڙ 500 کان وڌيڪ ڪامورا عهدن تان فارغ ٿيندا: 293 برطرف - Eye News Network

نيب وٽ ڪرپشن جا پئسا موٽائيندڙ 500 کان وڌيڪ ڪامورا عهدن تان فارغ ٿيندا: 293 برطرف

0

ڪراچي (اي اين اين رپورٽ) سنڌ سرڪار جا نيب ۾ رضاڪاراڻي طور پئسا واپس ڪندڙ آفيسر ۽ عملو ڦاسي پيو، تعليم، ٻيلو ۽ جھنگلي جيوت، ورڪس اينڊ سروسز، ناڻو کاتو، صحت، زراعت، سوشل ويلفيئر، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، خوراڪ، مڪاني ادارا، هائوسنگ ۽ پلاننگ، آبپاشي ۽ پوليس کاتي مان 500 کان مٿي آفيسر ۽ عملدار عهدن تان فارغ ڪيا ويندا

تفصيل موجب لاڳاپيل کاتن جي ملازمن جي لسٽ چيف سيڪريٽري کي انتظامي سيڪريٽرين طرفان موڪلي وئي آهي. جنهن ۾ تعليم کاتي سڀ کان اڳ ڦڙتي ڏيکاريندي 293 ملازمن ۽ آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين کاتن پنهنجي ملازمن جون لسٽون چيف سيڪريٽري ڏانهن موڪلي ڏنيون آهن

ذريعن موجب جيڪي ڪامورا ۽ ملازم فارغ جو امڪان آهي انهن ۾ مڪاني کاتي ۾ عهدن تي ويٺل رحمت الله ميمڻ ايگزيڪيوٽو انجينئر ڊي ايم سي ڪراچي ويسٽ، اقبال جوڻيجو اڪائونٽنٽ ٽائون ڪاميٽي شاهه بندر، شڪيل ميمڻ ايگزيڪٽو انجينئر ضلعي ڪائونسل ڪراچي، اسلم ڪوريجو سب انجنيئر ٽائون ڪاميٽي بدين، آغا جهانگير اڪائونٽنٽ ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور، اورنگزيب مگسي ٽائون آفيسر ٽائون ڪاميٽي ڪشمور، جهانزيب ٻٻر ٽائون آفيسر راڻيپور، ظهير احمد ٽائون آفيسر ميونسپل ڪاميٽي سنجهورو، منير احمد خواجه ٽائون آفيسر ميونسپل ڪاميٽي بدين، منظور عباسي ميونسپل ڪمشنر ڊي ايم سي سينٽرل ڪراچي، منور ظريف چيف ميونسپل آفيسر ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊوالهيار شامل آهن

جڏهن ته منير منگي چيف آفيسر ضلعي ڪائونسل ٽنڊو محمد خان، علي شير جعفري چيف آفيسر ضلعي ڪائونسل ڄامشورو، محمد واصف ملڪ ڊائريڪٽر ايڊمن ٽي ايم اي اوڀر ڪراچي، محمد شريف سي ايم او ميونسپل ڪاميٽي عمر ڪوٽ، رياض الله گهمرو چيف آفيسر، سُندر مل اسسٽنٽ ڪمشنر دادو، سعيد احمد بليدي اسسٽنٽ انجنيئر هاءِ وي شهدادڪوٽ، صابر علي کوسو سب انجنيئر شڪارپور، محفوظ علي سومرو سب انجنيئر شڪارپور، محمد نواز عارباڻي سب انجنيئر شڪارپور، زين العابدين گهمرو اسسٽنٽ انجنيئر خيرپور، محراب خان اسسٽنٽ انجنيئر خيرپور، غلام مصطفيٰ انڙ اسسٽنٽ انجنيئر لاڙڪاڻو، وسيم مصطفيٰ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، شبير احمد پنهيار ايگزيڪيوٽو انجنيئر خيرپور، حبيب الرحمان سپرنٽينڊنٽ انجينئر ڄامشورو، نعيم سومرو ۽ محمد رفيق اسسٽنٽ انجينئر ڄامشورو، نظر حسين سيال سب انجنيئر دادو، علي اصغر جمالي جوهي ڊويزن دادو، منظور سولنگي اسسٽنٽ انجنيئر گاج ڊويزن، اختر ٽالپر اسسٽنٽ انجنيئر بدين، عبدالجبار عباسي اسسٽنٽ انجنيئر ميرو خان، افضل ابڙو سب انجنيئر لاڙڪاڻو، امان الله قريشي اسسٽنٽ انجنيئر ڦليلي ڪينال جا نالا ٻڌايا پيا وڃن

ٻين آفيسرن ۾ غلام مجتبيٰ ڌامراهه ايڪس اي اين ڊرينيج ڊويزن بدين، حيدر علي خواجه ڊپٽي ڊائريڪٽر پراجيڪٽ، عبدالغني قريشي ايڪس اي اين دادو، غلام نبي لُنڊ ايڪس اي اين ڏهرڪي، اقبال شيخ ايڪس اي اين ڄامشورو، اعجاز علي شاهه ايڪس اي اين بدين، ظهير ميمڻ ايڪس اي اين شهباز ڊويزن سيوهڻ، حضور بخش ايڪس اي اين رائيس ڪينال، امتياز ميمڻ ڊائريڪٽر نارا ڪينال ميرپورخاص، ذوالفقار علي ڪلهوڙو اي ڊي ايف سي سکر، سليمان مهر فوڊ سپر وائيزر گهوٽڪي، ممتاز علي ڪوريجو فوڊ انسپيڪٽر نوشهرو فيروز، دلدار علي ڪلوڙ اي ايف سي گهوٽڪي، امتياز علي ڪلوڙ فوڊ سپر وائيزر گهوٽڪي، محمد علي اُڄڻ ڊي ايف سي خيرپور، منظور احمد سومرو دادو فلور مل، ارشاد احمد فوڊ سپروائيزر لاڙڪاڻو، راجو لُنڊ سپروائيزر سکر، انور ڪلوڙ فوڊ انسپيڪٽر ڪراچي، علي حسن سانگي اي ايف سي ڊرٻ ميهر شاهه، عتيق الرحمان سومرو فوڊ انسپيڪٽر سکر، محمد خان شيخ سب اڪائونٽنٽ قمبر، محمد علي منگي اڪائونٽنٽ جيڪب آباد، اقبال شيخ اڪائونٽنٽ ٽنڊو محمد خان، غلام مصطفيٰ لُنڊ ٽريزري آفيس ٺٽو، محمد خان شيخ سب اڪائونٽنٽ قمبر، محمد علي منگي اڪائونٽنٽ جيڪب آباد، محمد پناهه بڙدي اڪائونٽنٽ دادو، اياز ابڙو اڪائونٽنٽ حيدرآباد، احسان الله ابڙو سب اڪائونٽنٽ حيدرآباد، اظهار علي کوکر سب اڪائونٽنٽ قمبر، عزيز الله چانڊيو اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس دادو، سليمان ميراڻي ايـڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر لاڙڪاڻو ۽ ٻيا ڪامورا اهم عهدن تي ويٺل آهن

ساڳي طرح مجاز اختياري 41 ڪامورن کي نوڪري تان برطرف ۽ انڪريمنٽ ماري معمولي سزا ڏني آهي انهن ۾ ايگزيڪيوٽو انجينئر ورڪس الطاف سومرو، ايگزيڪيوٽو انجينئر امداد مگسي، ايگزيڪيوٽو انجينئر نعمت الله ڦلپوٽو، اسسٽنٽ انجنيئر نعيم سومرو، اسسٽنٽ انجنيئر علي مراد ابڙو، ايڪس اي اين حبيب الله ڪابورو، ايڪس اي اين حبيب الله چانڊيو، فوڊ انسپيڪٽر صديق مگسي، فوڊ سپر وائيزر محمد طارق، فوڊ سپروائيزر علي رضا، فوڊ سپر وائيزر عزيز نوناري، فوڊ انسپيڪٽر غفار تبسم، ٽريزري آفيسر هارون ملاح، ڊسٽرڪٽ ابراهيم نوحاڻي، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر مشتاق شر، اسسٽنٽ احسان الله ابڙو، سب اڪائونٽنٽ علي اڪبر ابڙو، اڪائونٽنٽ شهباز وسطڙو، نديم شيخ ۽ ٻيا شامل آهن

About Author

Leave A Reply