مٺياڻي: ڳوٺاڻن جو بليڪ ميلرن خلاف احتجاج، جي يو آئي قيادت نوٽس وٺي - Eye News Network

مٺياڻي: ڳوٺاڻن جو بليڪ ميلرن خلاف احتجاج، جي يو آئي قيادت نوٽس وٺي

0

 مٺياڻي (اي اين اين) پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ تي ڀرٽ برادري جي راڻو خان ڀرٽ، عبدالغفار ڀرٽ، دلدار ڀرٽ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مولوي مبين احمد ڀرٽ گذريل ڏينھن جيڪو ٻيلي کاتي خلاف احتجاج ڪرايو هو تنهن کي اسان ڪوڙو قرار ڏيندي رد ڪريون ٿا، ھو دراصل پنھنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاء ڳوٺاڻن ۽ ٻيلي کاتي وارن کي بليڪ ميل ڪري رھيو آھي

مبين ٻيلي کاتي جي عملدارن کي بليڪ ميل ڪري زمينون ڦٻائڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد لاء ھٿ ٺوڪيا مظاھرا ڪرائي رھيو آھي

ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته مولوي مبين خود ٻيلي جون زمينون قبضي هيٺ آڻي انھن کي ڪاهي فصل کڻي رهيو آهي ۽ ھڪ مذھبي جماعت جو نالو استعمال ڪري رھيو آھي

ھنن جي يو آئي قيادت کان مطالبو ڪيو تہ جماعت کي بدنام ڪندڙ مبين ڀرٽ خلاف قدم کنيو وڃي

اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي ملوث ڪردارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

About Author

Leave A Reply