ڪنڊياري ۾ ناري زيادتي سبب فوت - Eye News Network

ڪنڊياري ۾ ناري زيادتي سبب فوت

0

نوشھرو فيروز (چيف رپورٽر) نوشھري فيروز ضلعي جي تعلقي ڪنڊياري ۾ غريب ناري اغوا، اجتماعي زيادتي سبب زندگيءَ جي جنگ ھارائي وئي
تفصيلن ۾ غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ ۱۳ ورھين جي ناري ن (نازيہ ڀٽي) کي ٻہ ڏينھن اڳ اغوا ڪيو ويو ھيو، ۽ پوليس اطلاع باوجود ڪوبہ موثر قدم نہ کنيو. ذريعن موجب ناري کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بنايو ويو ۽ حالت خراب ٿيڻ تي جوابدار کيس روڊ جي ڪناري اڇلائي فرار ٿي ويا
روڊ وٽان گذرندڙ رڪشا ڊرائيور اھڙو اطلاع وارثن کي ڏنو تہ ڇوڪري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ھوء زندگيء جي جنگ ھارائي وئي
ناري جي والد صابر ميڊيا کي ٻڌايو تہ ڇوڪري کين مرڻ کان اڳ ٻڌايو تہ پنج وحشي جوابدارن ساڻس اجتماعي زيادتي ڪئي ۽ مرڻينگ حالت ۾ کيس روڊ ڪناري اڇلائي ڀڄي ويا. ھن ٻڌايو تہ پوليس ڪيس داخل نہ پئي ڪري ۽ اسان کي پريشان ڪيو پيو وڃي
ٻئي طرف پوليس اھا دعوا ڪئي آھي تہ ٻن مشڪوڪ جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آھي. ان حوالي سان ايس ايس پي نوشهروفيروز سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ھن ڪو بہ جواب نہ ڏنو. سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آھي تہ ايڏي وڏي واقعي بعد بہ پوليس جي اعلي عملدارن جو رويو افسوسناڪ آھي
ھواڏنھن ڊاڪٽرن جو موقف پڻ سامھون ناھي اچي سگھيو ڇو تہ ناري غريب خاندان سان تعلق رکي ٿي ان ڪري ڪو بہ عملدار تحرڪ وٺڻ لاء تيار ناھي. معصوم ناری جي والد چیف جسٽس، گھرو وزير ۽ آئي جي پوليس سنڌ کان مطالبو ڪيو تہ کين انصاف فراھم ڪيو وڃي. ھواڏنھن پوليس ھڪ جوابدار نعمان عرف نومي سومري جي گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي آھي

About Author

Leave A Reply