امپيونٽي سبب صحافين ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رھيو آھي: لالا حسن پٺاڻ - Eye News Network

امپيونٽي سبب صحافين ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رھيو آھي: لالا حسن پٺاڻ

0

مٺياڻي(رپورٽ: شاھجھان مستوئي/اي اين اين) ميڊيا خلاف ڏوھ ڪندڙن کي سزائون نہ ملڻ سبب ملڪ ۾ اھڙن جوابدارن کي ڇوٽ (امپيونٽي) واري ماحول سبب سيلف سينسرشپ ۽ صحافين ۾ عدم تحفظ وڌي رھيو آھي. پاڪستان ۾ گذريل سال دوران ڇھ پاڪستاني صحافي قتل ڪيا ويا. اھڙن خيالن جو اظھار ملڪ جي نامياري صحافي ۽ انساني حقن جي وڪيل لا لا حسن پٺاڻ، پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ ۾ آزادي صحافت ۽ درپيش مشڪلاتون جي عنوان ھيٺ مذاڪري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ھن چيو تہ پاڪستان ۾ صحافي وڏن خطرن باوجود صحافت ڪري رھيا آھن پر صحافت ڪندي قتل ڪيل صحافين جي جوابدارن کي سزائون نٿيون ملن ان ڪري حملن ۾ واڌ ٿي رھي آھي. لالا حسن وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن ٺھي چڪي آھي ۽ ھاڻي صحافين جو فرض آھي تہ ان وٽ وڌ کان وڌ شڪايتون جمع تہ جيئڻ اھا مؤثر نموني ڪم ڪري سگھي.


ان موقعي تي پي پي جي تعلقي اڳواڻ محمد ٻڍل ملڪ، جي يو آئي جي جنيدرالرحمان ملڪ، جي ڊي اي جي ڄام نظرمحمد سھتو، حبدار مشوري، صوبدار علي مشوري، علي وقار شيخ، سيد اظھار شاہ، مظفر علي سھتو، مختيار حسين سھتو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ جمھوري سماج لاء آزاد صحافت ضروري آھي. سڀني ڌرين کي آزادي صحافت لاء ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ کپي.
تقريب ۾ ايس ايڇ او مٺياڻي نصراللہ جانوري، جسقم جي فيصل مستوئي، محمد يوسف راجپوت، انور علي پٺاڻ، رائو طفيل، عنايت علي پٺاڻ، اشفاق مشوري، رانا غلام سرور، رياض حسين چانڊيو، فرھاد حسين مستوئي، رانا محمد جمن، حاجي نثار راجپوت، ڀورل ڀٽي، محبوب علي ملاح، عبدالستار ڪنڀر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.



About Author

Leave A Reply