نوشهروفيروز (ای این این) سينئر صحافين ۽ وارثن شھيد عزيز ميمڻ قتل ڪيس جا سبب ظاھر ڪري ذميوار ماڻھن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پي پي ايف پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ شھيد صحافي عزيز ميمڻ قتل ڪيس جو اڀياس ڪرڻ لاءِ ھڪ ڏينھن وارو سيمينار ٿيو
سيمينار کي خطاب ڪندي شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي عبدالحفيظ ميمڻ چيو ته شھيد عزيز ميمڻ جو قتل ھڪ سوچيل سمجهيل سازش ھو ۽ کيس سچ جي راھ تان ھٽائڻ لاءِ قتل ڪيو ويو. ھن چيو ته شھيد پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي قاتل نروار ڪري ويو ھو پر پوليس انھن بااثر جوابدارن جن ۾ پ پ جو ايم اين اي شامل آھي، خلاف ڪابه جاچ نه ڪئي. ڪيس جي ماسٽر مائينڊ مشتاق سھتي کان به ڪابه جاچ نه ٿي ڪئي وڃي
ھن چيو ته جوابدارن کان قتل ڪيس جا سبب ڄاڻڻ گھرجن جيئن شھيد جا اصل قاتل نروار ٿين. سينئر صحافي لالا حسن چيو ته صحافي عدم تحفظ جو شڪار آھن. صحافين جي تحفظ لاءِ جوڙيل قانونن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. ھن چيو ته صحافين کي رپورٽنگ وقت انتھائي احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي. نوشھروفيروز يونين آف جرنلسٽس جي صدر زاھد قائمخاني چيو ته شھيد عزيز ميمڻ ۽ شھيد علي شير راڄپر جا قتل نج صحافتي قتل ھئا. ھنن چيو ته صحافين جي تحفظ لاءِ منظور ڪيل سنڌ ايڪٽ کي متحرڪ ڪري صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سيمينار کي پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر زاھد راڄپر، جنرل سيڪريٽري عطا حسين سمون، مسرور چانڊيو، راڻا شير محمد، گلاب بھڻ، نور راڄپر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو