حضرت علي جي شھادت جو ڏھاڙو سڀني کي گڏجي امن ۽ محبت سان ملھائڻ گھرجي: محمد تاشفين عالم - Eye News Network

حضرت علي جي شھادت جو ڏھاڙو سڀني کي گڏجي امن ۽ محبت سان ملھائڻ گھرجي: محمد تاشفين عالم

0

 نوشهروفيروز(ای این این) ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز محمد تاشفين عالم جي صدارت ھيٺ حضرت علي ڪرم اللہ وجه جي شھادت جي ڏھاڙي جي انتظامن بابت ھڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ اسان سڀئي مسلمان حضرت علي رحہ جي شھادت جو ڏھاڙو مذھبي عقيدت ۽ احترام سان ملھائيندا آھيون. ھن چيو تہ رمضان المبارڪ جو اھو ڏھاڙو اسان سڀني کي گڏجي امن ۽ محبت سان گذارڻ گھرجي، ڪنھن کي بہ ڪنھن جي مذھبي عقيدي سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي ھرگز اجازت ناھي

تاشفين عالم چيو تہ ان ڏينھن پنھنجن دعائن ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ دعائون بہ گھريون وڃن. يوم شھادت حضرت علي جي ڏھاڙي تي سڀني مجلسن ۽ جلوسن کي گھربل سيڪورٽي فراھم ڪئي ويندي. ھن چيو تہ مان پاڻ ان ڏينھن انتظامن جي جائزي لاءِ مختلف جاين جا دورا ڪندس ۽ انتظامن ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪمي ڪوتاھي ھر گز برداشت نہ ڪئي ويندي. ھن سيپڪو جي عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ان ڏينھن غير ضروري لوڊ شيڊنگ نہ ڪئي وڃي. ٽائون عملو شھرن ۾ صفائي سٿرائي جا بندو بست رکی. پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي جا آفيسر پنھنجا ڊسپولز ھلندڙ رکن. صحت کاتي جا آفيسرن پنھنجيون ميڊيڪل ٽيمون تيار رکن. ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ مختلف فقھن جا عالم سڳورا پاڻ ۾ انتظاميہ سان رابطي ۾ رھن، جتي بہ ڪو مسئلو پيش اچي اھی انتظاميہ کي آگاھي ڏين. ان موقعي تي رينجرز، پوليس، سيپڪو جي آفيسرن کان سواءِ مخلتف فقھن جا عالم ۽ شھري پڻ موجود ھئا جن يوم علي جي موقعي تي گھربل انتظامن بابت پنھنجيون تجويزون پيش ڪيون ۽ پنھنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.

About Author

Leave A Reply