نوشهروفيروز ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف دڪاندار ۽ شھري سراپا احتجاج، ريلي، ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو - Eye News Network

نوشهروفيروز ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف دڪاندار ۽ شھري سراپا احتجاج، ريلي، ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو

0

 نوشهروفيروز(ای این این) شھر ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف دڪاندار ۽ شھري سراپا احتجاج، ريلي، ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو. تفصيل موجب، شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ دڪاندار اڪرم ڏنگراج کان ڦر واري واقعي خلاف شھرن ۽ دڪاندارن جي وڏي انگ شھر مان احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي الله واري چوڪ کان ڪڍي وئي ۽ احتجاج ڪندڙ مختلف رستن کان ٿيندا، بدامنيءَ خلاف نعري بازي ڪندي ايس ايس پي نوشهروفيروز جي آفيس آڏو پھتا، جتي ڌرڻو ھنيو ويو. جڏھن ته ڌرڻي ۾ وڪيلن جو وڏو انگ به پھچي ويو ۽ دڪاندارن جي احتجاج جي حمايت ڪئي. ان موقعي تي دوڪاندارن مظھر ڏنگراج، اڪرم پيرزادو، عبدالشڪور عباسي، اياز راڄپر، اسد عمراڻي، خالد چانڊيو، عبدالستار جی لھراٹی، شوڪت علي ٻوھيو وڪيل، امر امتياز ميمڻ، عبدالقادر خانزادہ، عبدالوحید وڪيل ۽ ٻين چيو ته ڦر ۽ چورين جون وارداتون وڌي ويون آهن، جنھن ڪري شھري عدم تحفظ جو شڪار آھن. مٺياڻي روڊ تان دوڪاندار اڪرم ڏنگراج جي دڪان مان 6 لک ڦر ڪيا ويا پر پوليس ڦر جا جوابدار گرفتار ناھن ڪيا ويا. ھنن چيو ته چورين ۽ ڦرن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ايس ايس پي ۽ دوڪاندارن ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ پوليس دوڪاندارن کان 24 ڪلاڪن جي مهلت ورتي ۽ احتجاج ختم ڪرايو.

About Author

Leave A Reply