ٿرپارڪر ۾ تعليم جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو - Eye News Network

ٿرپارڪر ۾ تعليم جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

0

 ٿرپارڪر(ای این این) ٿرپارڪر جي صحرائي علائقن جي اسڪولن جا ٻار پائيدار ۽ ترقياتي مقصدن کي پورو ڪرڻ ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سماجي اداري اويئر ۽ ٽي ڊي ايڇ طرفان ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ ارنرو ٽوڀاريو, يونين ڪائونسل ڪانٽيو ۾ تعليم جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.
2020 ۽ 2021 ۾ ڪرونا وائرس تعليمي نظام کي ڪافي متاثر ڪيو جنهن ۾ ٿرپارڪر جي علائقي جي اسڪولن آن لائن نظام نـ هجڻ جي ڪري تمام گهڻو ڀوڳيو. انهي ڏهاڙي جي موقعي تي تعليمي ماهرن، سماجي ڪارڪنن، استادن، نوجوانن ۽ ٻين ڳوٺاڻن پنهجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ انهي ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي شاگردن بـہ ڀرپور حصو ورتو.
تقريب کي خطاب ڪندي تعيلمي ماهر گوبند رام چيلاڻي چيو تـہ اهي سڀئي ٻار اسان جو سرمايو آهن ۽ ان ڪري مائٽن کي گهرجي تـ هر ٻار تي ڌيان ڏين تہ جيئن ان جي پرورش ۾ صحيح تصور جوڙي سگهجي. ٻار پنهجي شروعاتي ڏينهن ۾ پنهجي والدين کان ئي سکندا آهن تہ اسان کي گهرجي تہ اهڙا لفظ ٻارن جي سامهون نہ ڳالهايون جن سان اهي ذهني طور متاثر ٿين. والدين سان مخاطب ٿيندي هن ڪجھ مثال پڻ ڏنا تہ اسان کي پنهجي ٻارن کي هميشہ هاڪاري شين ۽ روين کي اپنائڻ ۾ ترجيح ڏيڻ گهرجي تہ جيئن اهي ٻار پڻ هر جواب ۾ مثبت سوچ رکي سگهن. هن ٿامس ايڊيسن جو مثال پڻ ڏنو تہ ڪيئن ھُن جي ماءُ ھُن جي ترقي ۾ مدد ڪئي ۽ سماج جي لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو


اويئر اداري جي پروگرام مئنيجر شيوارام سوٽهڙ چیو تہ ٻارن جي مستقبل سنوارڻ ۾ ان جي والدين جو تمام وڏو ڪردار هوندو آهي جيڪڏهن ماءٌ ۽ پيءُ پنهجي ٻارن تي مڪمل ڌيان ڏين تہ اهي هڪ ڏينهن ضرور ڪامیاب ٿيندا. ٻارن جي ذهني نشونما ۾ مائٽن کانپوءِ انهن جي استادن جي ذميواري ٿئي ٿي تہ جيڪڏهن اهي هر ٻار تي ڌيان ڏين تہ انهن کي سکڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪا بہ تڪليف نہ ٿيندي ۽ اهي با آساني هر ڪم کي سولي نموني ڪري سگهندا. هن وڌيڪ چيو تـ E-Learning جي ذريعي ٻارن جي تصور کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو.
ڪيلاش ڪمار (سوشل ويلفيئر آفيسر) تقريب کي خطاب ڪندي تعليم جي قدر ۽ طاقت جي باري ۾ ٻڌايو ۽ هن ڳوٺاڻن سان پنهجي زندگي جي ڪهاڻي پڻ بيان ڪئي تہ هن ڪيئن تعليم حاصل ڪري ڪنهن سٺي جاءِ تي پهتو. هن وڌيڪ ڳوٺاڻن سان مخاطب ٿيندي چيو تـ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ٻارن جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي تہ ٻارن جي تحفظ لاءِ ماءُ پيءُ ۽ ان سان گڏ استادن جو اهم ڪردار ٿئي ٿو اهي ٻار اسان جو آئيندي جو سرمايو آهن ۽ انهن جي حفاظت اسان سڀني جي زميواري آهي.
اويئر ٽيم جي ميمبر فرحت فيري تعليم جي عالمي ڏينهن جو پسمنظر ٻڌائيندي چيو تـ اهو يونائيٽيڊ نيشن گڏجي دنيا جي پائيدار ترقياتي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهو قدم کنيو ۽ 2019 ۾ عالمي سطح تي هر سال 22 جنوري تي تعليم جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. هاڻ انھي ڏينهن تي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هر سال 22 جنوري تي عالمي تعليم جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي.
اويئر جي ٽيم ميمبر نصرت جو چوٹ ھو تہ ڇوڪريون بہ ڇوڪرن وانگر ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي سگهن ٿيون. مائٽن کي گهرجي تہ نياڻين جي تعليم تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏين تہ جيئن اُھي هن معاشري ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪري سگهن.
اسڪول جي هيڊ ماستر ميگهن داس چيو تـ اسين خوشنصيب آهيون جو تعليم کي هٿي ڏيارڻ ۾ اويئر ۽ ٽي ڊي ايڇ پنهجو نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن اويئر اسان جي اسڪول ۾ ٻہ اظافي ڪمرا، باٿروم جي سهولت، فرنيچر، سولر سسٽم ۽ ڪمپيوٽر مهيا ڪري ڏنا آهن جن سان شاگردن جي دلچسپي ۾ پڻ اظافو ٿيو آهي.
اسڪول جي شاگردن مختلف تقريرن، گانن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺي پنهجو ڪردار ادا ڪيو۔

About Author

Leave A Reply