مٺياڻي(اي این این) مٺياڻيء ۾ يوسي ليٽ ننگر خان جي رھواسين جو بجليء جي لوڊشيڊنگ ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو۔ خبر موجب مٺياڻيء ويجھو يو سي ليٽ ننگر خان چانڊيو جي رھواسين سلمان خان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ يوسيء ۾ سھولتن جي اڻاٺ بجليء جي لوڊشيڊنگ، تباھ ٿيل روڊن جي مرمت نه ٿيڻ ۽ مختلف مسئلن جي حل نه ٿيڻ خلاف شھر جي مک چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي۔
ان موقعي تي ھنن ڳالھائيندي چيو ته گذريل پنجن سالن کان ھينئر تائين اسانجي يونين ڪائونسل ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناھي ٿيو ,جنھنڪري روڊ رستا تباھ ٿيل آھن , جڏھن ته بجليء جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ رھواسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي , آخر ۾ ھنن سنڌ حڪومت ۽ بجليء جي وفاقي وزير کان يو سيء ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۽ بجليء جي بحاليء جو مطالبو ڪيو آھي.