سکر(اي این این ایس) سکر شهر جي 94 اسڪولن مان68 بند هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته 67 سيڪڙو ٻار اسڪول جو منهن ئي نه ٿاڏسن. ناري فائونڊيشن پاڪستان ڪوليشن فار ايجوڪيشن جي سهڪار سان پيپلز ائڪشن گروپ آن ايجوڪيشن ٺاهڻ لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي. گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ناري فائونڊيشن جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر انور علي مهر چيو ته تعليم سڀني جو بنيادي حق آهي ان منصوبي تحت پرائمري کان وٺي ايليمينٽري سطح تائين جي ڇوڪرين جي ڊيٽا گڏ ڪري بند پيل اسڪول کولرايا ويندا. اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ، ڪتابن جي دستيابي، استادن جي تربيت، ڊراپ آئوٽ شرح گھٽائڻ تي ڪم ڪيو ويندو
آرٽيڪل 25 اي تي ضلعي سطح کان وٺي صوبن ۽ وفاق تائين سفارشون اماڻيون وينديون. ڪورونا سبب تعليمي عمل سخت متاثر ٿيو آهي، جنهن ڪري والدين به سخت ڳڻتي ۾ ورتل آهن. انور علي مهر ٻڌايو ته سکر شهر ۾ 94 اسڪول آهن جن مان 68 اسڪول بند آهن. جڏهن ته 67 سيڪڙو ٻار اهڙا آهن جيڪي آئوٽ آف اسڪول آهن ان ۾ ڇوڪرين جو ريشو وڌيڪ آهي
گڏجاڻي ۾ شازيه عباسي، ايجوڪيشن ٽاسڪ فورس جو جنرل سيڪريٽري سيد نصير حسين شاھ، فوڪل پرسن سميع الله مهر، ڊي اي او پرائمري محمد ياسين چنا، وحيد مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئ