نوشھروفیرو:ڪراچي واسڻ اڳوڻي زال کان بچايو، مولانہ جي دانھن - Eye News Network

نوشھروفیرو:ڪراچي واسڻ اڳوڻي زال کان بچايو، مولانہ جي دانھن

0

نوشهروفيروز(اي این این ایس)
نوشھروفیرو جي رھواسي عنايت الله سومرو زال پاران مبینہ طور بليڪ ميل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته چار سال اڳ ھن ڪراچي جي رھواسڻ قرت العين شيخ سان شادي ڪئي پر بعد م کيس خبر پئي ته اھا عورت ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن ھئي ۽ ان جا تعلقات خراب ماڻھن سان ھئا. جڏھن ته ھو ھڪ ديندار ماڻھو آھي ۽ عورت جو نظريو منھنجو جسم منھنجي مرضي وارو ھو، جنھن ڪري ھو کيس ڪمري ۾ بند ڪري گھر ۾ غير ماڻھو گھرائيندي ھئي. اھڙي صورتحال سبب ھن کيس طلاق ڏني ۽ حق مھر سميت ٻيو سامان ان کي واپس ڪيو، طلاق ڏيڻ بعد سندس زال سندس دشمن بڻجي کيس مارائڻ چاھيو جنھن ڪري ھو ڪراچي مان لڏي اچي پنھنجي اباڻي شھر ۾ ويٺو آھي۔
ھن چيو ته کيس پنھنجي اڳوڻي زال کان بچايو وڃي ۽ کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

About Author

Leave A Reply