ميڊيڪل ٽيسٽ رزلٽ ۾ مبينا طور غلطيون، مٺياڻيء واسي شاگردياڻي جي سيٽ نمبر تي پنجاب جي ناري ڪامياب قرار، احتجاج - Eye News Network

ميڊيڪل ٽيسٽ رزلٽ ۾ مبينا طور غلطيون، مٺياڻيء واسي شاگردياڻي جي سيٽ نمبر تي پنجاب جي ناري ڪامياب قرار، احتجاج

0

مٺياڻي(اي اين اين ايس) تازو پاڪستان سطح تي ورتل ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ ڪيترين ئي غلطين جي سامھون اچڻ کانپوء مٺياڻي ھاء اسڪول جي استاد امان الله قريشي جي ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيل نياڻي جويريا امان جنھن جو سيٽ نمبر: 5600229 آھي، جڏھن ته رزلٽ شيٽ ۾ ساڳي سيٽ نمبر تي پنجاب سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي ڪشف ايمان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي. اھڙي مشڪوڪ ۽ غلطين سان ڀريل رزلٽ جي اچڻ کانپوء والدين، شاگردن ۽ عام سنڌ واسين ۾ انتھائي بيچيني ڇانيل آھي ۽ سنڌ سان ناانصافين جو تاثر پڻ جنم وٺي ٿو.
ٻئي طرف رزلٽ ۾ متاثر شاگردياڻيء جي والد ۽ استاد امان الله قريشي صحافين آڏو دانھيندي ٻڌايو ته تازو آيل رزلٽ انتھائي غلطين سان ڀريل آھي، جڏھن ته ان ۾ بدنيتيء جي پڻ بوء اچي رھي آھي , ھن وڌيڪ چيو ته مون وٽ آئوٽ ٿيل رزلٽ جي ڪاپي موجود آھي جنھن ۾ منھمجي نياڻي 131 مارڪون کڻي %65.5 پرسنٽيج تي ڪامياب قرار ڏنل آھي. آخر ۾ ھن پاڪستان کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جي دعوا ڪندڙ وزير اعظم عمران خان سميت سڀني وسوارن ادارن کي ساڻن انصاف ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.

About Author

Leave A Reply