You are at:Home»News»Local»نوشھرو فيروز ۾ مٺياڻي واسين جو وڏي لائبريري نه ملڻ خلاف مظاھرو
نوشھروفيروز(اي اين اين ايس)
يوٿ ڪاميٽي مٺياڻي پاران وڏي پبلڪ لائبرري جي سھولت نه هجڻ خلاف نوشھروفيروز پريس ڪلب اڳيان معراج سنڌي، فياض شيخ، نبي بخش مستوئي، عرس مشوري، اسد چانڊيو ۽ شھباز مستوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔
ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته مٺياڻي ٽائون ڪاميٽي وڏي آبادي رکندڙ شھر آھي پبلڪ لائبرري جي سھولت نه هجڻ ڪري شاگرد پڙهڻ ۽ مطالعو ڪرڻ بجاء هوٽلن تي ويهي ڪري اجايو وقت گذاري رهيا آھن۔
هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق هر ٽائون ڪاميٽي کي شاگردن جي لاء لائبريري قائم ڪرڻي آھي۔
About Author