نوشهروفيروز(اي اين اين ايس) ساڍا پنج مهينا گذرڻ باوجود پوليس شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث ماسٽر مائينڊ ۽ مُک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر يونس راڄپر، جنرل سيڪريٽري مشتاق مري، ساگر يوسف منگي، خادم حسين مري، زاهد راڄپر، گل مورو، زاهد قائمخاني، غلام مصطفيٰ تڳر، خادم سيال، عطا حسين سمون، مظهر خاصخيلي، مسرور چانڊيو، ممتاز سولنگي، قاسم اسراڻ، علي نواز سولنگي، غلام مرتضيٰ تڳر، فقير ميهر بهڻ، جاويد سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نوشهروفيروز پوليس شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ان کي روپوش قرار ڏئي قاتلن کي بچائڻ چاهي ٿي
هنن چيو ته سنڌ سميت پوري ملڪ جا صحافي، سول سوسائٽي سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ان باوجود قلم ڌڻين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي
هنن سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي عزيز ميمڻ کي بيگناهه قتل ڪندڙ مک جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو ته عيد بعد احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي