ڪورونا ڪٽس فراھم ڪيون وڃن:ينگ نرسز ايسوسيئيشن - Eye News Network

ڪورونا ڪٽس فراھم ڪيون وڃن:ينگ نرسز ايسوسيئيشن

0

نوشھرو فيروز (ای این این ایس)
نرسنگ جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ ينگ نرسز ايسوسيئيشن پاران تقريب منعقد ٿي, جنھن جي صدارت ينگ نرسز ايسوسيئيشن جي صدر اعظم علي ڀٽو ڪئي. تقريب ۾ سينئر اسٽاف نرس البيلي سومرو, حنيف احمد جلباڻي, شگفته آرائين, فدا حسين راڄپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ موجوده حالتن ۾ نرسنگ اسٽاف کی درپيش مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته نرسنگ واحد شعبو آھي جيڪو صحت کاتي اندر مريضن جي پرگهور لھي ٿو پر حڪومت پاران ساڻن ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ھاڻي برداشت جوڳو عمل ناھي.
اڳواڻن عالمي ڏينھن کي احتجاج طور رڪارڊ ڪرايو ڇوته اڄ حڪومت پاران جتي سينئر نرسنگ اسٽاف جا فورٽيئر فارمولي تحت پروموشن نه ڪرڻ، ھيلٿ پروفيشنل الائونس نه ڏيڻ ھن ڪورونا ايمرجنسي ۾ رسڪ الائونس نه ڏيڻ سميت ھائيرڊ نرسنگ اسٽاف کي پگهارون ۽ ٻيون مراعتون نه ڏيئي 400 کان مٿي نرسنگ اسٽاف کي بنا ڪنھن سبب جي گهر ڀيڙو ڪرڻ حڪومت جو غير زميوارانه عمل آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته 2386 ايس پي ايس پاس نرسن جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪري کين ريگيولر ڪيو وڃي. انتقامي ڪاروائيون ختم ڪيون وڃن ھيلٿ رسڪ ۽ پروفيشنل الائونس ڏنو وڃي سروس اسٽرڪچر بحال ڪيو وڃي. ڪورونا ڪٽس فراھم ڪيون وڃن.

About Author

Leave A Reply