سنڌ حڪومت ۽ عزيز ميمڻ جو لاڳاپيل صحافتي ادارو پونيئرن کي معاوضو ادا ڪري، قاتل گرفتار ڪریو - Eye News Network

سنڌ حڪومت ۽ عزيز ميمڻ جو لاڳاپيل صحافتي ادارو پونيئرن کي معاوضو ادا ڪري، قاتل گرفتار ڪریو

0

حيدرآباد(اي این این ایس) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي اگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس صدر اقبال ملاح جي صدارت هيٺ ٿي گذريو, اجلاس ۾ اظهار راء جي آزادي سميت صحافين کي درپيش معاملن جو جائزو وٺندي محرابپور ۾ شهيد ٿيل صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو ته پوليس جاچ ۾ سست آهي جنهن ڪري ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود قاتل ۽ قتل جو ڪارڻ وائکو نه ٿي سگهيو آهي.
اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
هنن سنڌ حڪومت ۽ شهيد عزيز ميمڻ جي لاڳاپيل صحافتي اداري کان گهر ڪئي ته سندس پونيئرن کي معاوضو ادا ڪئي وڃي, اجلاس ۾ پاڪستان حڪومت پاران سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا لاء جوڙيل قانون کي اظهار راء جي آزادي تي حملو قرار ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان سلسلي ۾ ستت ئي حيدرآباد ۾ ملڪي سطح جو سيمينار منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٽنڊوالهيار ۾ منشيات فروش پاران صحافي نوراحمد ٿيٻو مٿان وحشياڻو تشدد ڪري شديد زخمي ڪرڻ جي مذمت ڪندي اعلی پوليس اختيارين کان جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.
اجلاس ۾ پي ايف يو جي, جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد کوکر, ميمبر ايف اي سي لالا رحمان سمون, منصور مري, جئ پرڪاش، ولي محمد لنڊ, فريد لاکو, سميرا مختيار, رمضان شورو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

About Author

Leave A Reply