وزيراعظم پاران نوشهرو فيروز لاءِ صحت ڪارڊ ۽ اڍائي ارب روپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان، مٺياڻيءَ ۾ گرڊ اسٽيشن قائم ٿيندي - Eye News Network

وزيراعظم پاران نوشهرو فيروز لاءِ صحت ڪارڊ ۽ اڍائي ارب روپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان، مٺياڻيءَ ۾ گرڊ اسٽيشن قائم ٿيندي

0

نوشهروفيروز ( رپورٽ: خالد مشوري ۽ احسن حسن خان) وزيراعظم پاڪستان  شاهد خاقان عباسي ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ھيلٿ ڪارڊڏيڻ، بجلي ۽ گئس جي منصوبن لاء ڊيڍ ارب روپيا رکڻ جو اعلان          ڪيو آهي. هن ڇنڇر ڏينهن نوان جتوئيءَ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ضلعي اندر روڊن لاء ھڪ ارب روپيا ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو

 .پي پي کي ميثاق جمهوريت جي پاسداري ڪرڻ کپي

  .هن چيو ته پي پي پي پنهنجي حڪومت ۾ جيڪي سنڌ کي وسيلا ڏنا ان کان اسان 50 سيڪڙو وڌايا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي ڪري ترقي نه ٿي سگهي آھي

  عوام، ن ليگ ۽ نواز شريف سان گڏجي ملڪي مفاد ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته چئن سالن ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي وڌائي آهي ۽ ترت ئي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو. هن چيو ته ايتر

    . واڌ ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿي. ملڪي معيشت ۾ 6 سيڪڙو جي گروٿ آئي آهي

    عباسي وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوام فيصلو ڪندو. اسان ڪم ڪيا آهن پر ڪرپشن نه ڪئي آھي. نواز شريف اسان جو ليڊر آهي ۽ هو ملڪي ترقيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته ملڪي ترقي جمهوريت سان سلهاڙيل آهي . ان موقعي تي وفاقي وزير مرتضي! خان جتوئي خطاب ڪندي چيو ته زرداري ٽولي سنڌ ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن پر هاڻي سندن ڪرپشن هلڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته وزير اعظم هتي اچي اسان سان ڪيل واعدا پورا ڪيا آهن

.ان موقعي تي مٺياڻيءَ ۾ گرڊ اسٽيشن قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو

About Author

Leave A Reply