نوشهرو فيروز اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاج جاري،حڪمرانن ۽ ڪامورن جي ڪن لاٽ برقرار - Eye News Network

نوشهرو فيروز اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاج جاري،حڪمرانن ۽ ڪامورن جي ڪن لاٽ برقرار

0

نوشهروفيروز(اي اين اين ايس) سول اسپتال نوشهروفيروز کي اپ گريڊ نه ڪرڻ خلاف شهرين پاران احتجاج جاري آهي. شهرين 478هين ڏينهن تي سخت سردي باوجود پريس ڪلب نوشهروفيروز ادو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي. احتجاج ڪندڙن علاج ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا جا نعره هنيا

ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر، قاري اشرف ڀرٽ،محمد رمضان مڱڻیجو۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي جڏهن ته پئٿالاجسٽ، دل، سرجري، نڪ، ڳلي، گردن، الٽرا سائونڊ ۽عورتن لاءِ اي سی جی ٽیڪنیشن ۽ ڊاڪٽر ناھن سميت ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ٿا ڪيا وڃن. اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون اڻ لڀ آهن. بيمار مريضن کي ريفر ڪرڻ سميت مري ويندڙ مريضن جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس به نه ٿي ڏني وڃي

داخل مريضن کي ماني به ناهي ملندي پر ماني ۽ تيل جي نالي تي ماهوار لکين روپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا. هنن چيوته ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاريل ٽراما سينٽر بابت اڃا تائين جاچ نه ٿي سگهي آهي. هنن چيو ته اسپتال جو آپريشن ٿيٽر مڪمل طور تي ستن سالن کان بند آهي ليبارٽري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري نه ٿيا ڪيا وڃن. هنن چيو ته اسپتال کي اپ گريڊ ڪري سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن اعلان ڪيو ته 31 دسمبر تائين اسپتال جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف پهرين جنوري تي رت سان ڏيئا ٻاريا ويندا

About Author

Leave A Reply