Brother of PPP MNA Rafiq Jamali, sent to prison by ATC. (ENNS)
نوشهروفيروز(اي اين اين ايس) دهشتگردي ٽوڙ عدالت بجلي چوري ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ ڪيس ۾ ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي ڀاءُ سعيد احمد جمالي کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪرائي ورتو، ست ڏينهن لاءِ ريمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو
واضح رهي ته دادو جي دڙو روڊ تي پيپلز پارٽي ايم اين اي رفيق جمالي جي بنگلي جي ميٽرن جا سيپڪو عملدارن پاران فوٽو ڪڍڻ تان ايم اين اي جي ڀاءُ سعيد احمد جمالي ۽ سندس محافظن پاران سيپڪو عملدارن سپرنٽينڊنٽ انجنيئر سرفراز خان پٺاڻ، ايگزيڪيٽو انجنيئر غلام شبير سولنگي، لائين مين فرقان ڪابورو کي يرغمال بڻائي مٿن سخت تشدد ڪري موبائيل فون ڦر ڪيا ويا هئا
دادو ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ بجلي چوري جو سعيد احمد جمالي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هو. سعيد احمد جمالي هاءِ ڪورٽ مان ڪچي ضمانت تي هيو ۽ نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ قاضي منظور احمد جي عدالت ٻڌڻي دوران پڪي ضمانت منظور نه ڪندي سعيد احمد جمالي کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪرائي ستن ڏينهن لاءِ جاچ آفيسر حوالي ڪندي جيل ڪسٽڊي ڪري ڇڏيو