مورو (ای این این) مورو ڀرسان ڳوٺ سونو خان ڀٽي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ پرائيويٽ بئنڪ جي عملي ۽ پوليس جي گهر تي چڙهائي ۽ تشدد دوران دل جو دورو پوڻ ڪري پيرسن امام الدين ڀٽي فوت ٿي وڃڻ تي هن مهل تائين ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف عورتن مردن ۽ معصوم ٻارڙن نٽھڻ اس ۾ مورو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ۽ انصاف لاء نعرا هنيا
ان موقعي تي مسمات رشيدان ڀٽي مسمات منظوران ڀٽي مسمات ثمينا ڀٽي ۽ مسمات ڀرائي ڀٽي،عبدالرشيد ڀٽي، ذوالفقار علي ڀٽي، مظفر علي ڀٽي، دل مراد ڀٽي، سونو خان، معشوق، صفر ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قرض ڏيندڙ ٿرديپ مائيڪرو فنانس بئنڪ جي عملي پوليس سان گڏ قرض وٺڻ جي آڙ ۾ ڌاڙيلن وانگر اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪري معصوم ٻارڙن، مردن عورتن تي تشدد ڪيو
ڌڪ لڳڻ ڪري خوف ۾ دل جو دورو پوڻ سبب پيرسن امام الدين ڀٽي فوت ٿي ويو ۽ بعد ۾ بئنڪ عملو ۽ پوليس هلي وئي
اسان مورو ٿاڻي تي اھڙي رپورٽ داخل ڪرائي هئي پر ڪافي ڏينهن گذرڻ باوجود اسان سان انصاف ناهي ٿيو. اسان جي ايف آئي آر به داخل نه ڪئي وئي آھي ۽ جوابدار به گرفتار نه ڪيا ويا آھن
هر روز ٿاڻي تي اچون ٿا پر اسان کي موٽايو وڃي ٿو جنهن ڪري اسان مايوس ٿي گهرن کان نڪري احتجاج جو رستو اختيار ڪري ڌرڻو هنيو آھي
هنن سنڌ جي وڏي وزير , آئي جي پوليس سنڌ, ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان سان ٿيل زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي