پڊعيدن:صحافي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار عدالت جي حڪم تي گرفتار: اميد ته انصاف ملندو: مقتول جو والد - Eye News Network

پڊعيدن:صحافي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار عدالت جي حڪم تي گرفتار: اميد ته انصاف ملندو: مقتول جو والد

0

نوشهروفيروز (رپورٽ: خادم سيال) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج قاضي منظور جي عدالت شهيد صحافي جي قتل ۾ ملوث مُک جوابدار ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر ۽ استاد غلام علي راڄپر جي ضمانت رد ڪري عدالت جي احاطي ۾ هٿڪڙيون هڻائي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

عدالت ۾ فريادي دائود خان جي وڪيل سيد زاهد علي شاهه پنهنجا دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر ۽ غلام علي راڄپر شهيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث آهن، سندن ضمانت رد ڪري پوليس حوالي ڪيو وڃي

ٻڌڻي دوران جاچ ٽيم جي اڳواڻ ڊي ايس پي محمد ايوب درس ۽ انويسٽيگيشن آفيسر راجا نويد پنهنجو موقف پيش ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته ٻئي جوابدار قتل ۾ ملوث آهن ۽ انويسٽيگيشن لاءِ پوليس حوالي ڪيا وڃن. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد جوابدار ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر ۽ استاد غلام علي راڄپر جي ضمانت رد ڪري جاچ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

واضح رهي ته ٻئي جوابدار هاءِ ڪورٽ جي پروٽيڪٽ بيل تي هيا ۽ 18 مئي تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوشهروفيروز ۾ ڪچي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته اسان بيگناهه آهيون ۽ اسان کي دشمني تحت ڦاسايو ويو آهي.   ٻئي طرف نوشھروفيروز پوليس شھيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر ۽ غلام علي راڄپر جي ضمانت رد ٿيڻ کانپوء گرفتار ڪرڻ کانپوء عدالت مان 7 ڏينهن جو ريمانڊ وٺي ڇڏيو۔

ايس ايس پي نوشھروفيروز طارق ولايت ۽ ڊي ايس پي محمد ايوب درس پريس بريفنگ ۾ صحافين کي وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي ٽيم ڏينهن رات جي جدوجهد سان قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آھي جنهن تي اسان پنهنجي جوانن کي مبارڪ باد پيش ڪرڻ سان گڏ صحافي برادري کي پڻ ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي مبارڪ پيش ڪيون ٿا

 پريس ڪلب ۾ موجود شهيد صحافي جي والد محمد اقبال ۽ ڀاءُ دائود احمد راڄپر چيو ته اڄ اسان کي خوشي ٿي آهي جو پريس ڪلب نوشهروفيروز سميت سڄي سنڌ جي قلم ڌڻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو جنهن لاءِ

.اسان ٿورائتا آهيون ۽ اميد ٿا ڪيون ته عدالتون شهيد جي خون سان ضرور انصاف ڪنديون

About Author

Leave A Reply