صحافي شير راڄپر جا باقي قاتل به جلد گرفتار ڪنداسين، ايس ايس پي طارق ولايت. صحافين جو مظاهرو - Eye News Network

صحافي شير راڄپر جا باقي قاتل به جلد گرفتار ڪنداسين، ايس ايس پي طارق ولايت. صحافين جو مظاهرو

0

نوشهروفيروز (اي اين اين)ايس ايس پي نوشھروفيروز ڪيپٽن رٽائرڊ طارق ولايت ايس پي آفيس نوشهروفيروز ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو آھي ته پڊعيدن جي شھيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل ڪيس جي مک جوابدار حبيب راڄپر کي گرفتار ڪري دھشتگردي ٽوڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آھي جتان سندس پنجن ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو آھي

SSP Naushahro Feroze Captain (R) Tariq Wilayat talking to media here on Monday. (ENN)

هن چيو ته ڪيس جي جاچ انسپيڪٽر راجا نويد احمد جي حوالي ڪئي وئي آھي جنهن سان گڏ ھڪ جي آئي ٽي ٽيم جوڙي وئي آھي جنهن ۾ محمد ايوب درس، سي آئي اي انچارج شھاب الدين ڪولاچي، ايس ايڇ او پڊعيدن راڻا جمشيد احمد شامل آهن جن کي ٻن ڏينهن جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي ته ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل جوابدرن کي گرفتار ڪيو وڃي

هن چيو ته علي شير جي قتل کي به اسان پوليس جوان جي شھادت وانگر ئي سمجهون ٿا واقعي کان بعد ڏھن ڪلاڪن جي اندر اسان مک جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي پوليس ھن معاملي ۾ ڪو به دٻاءُ برداشت نه ڪندي

هن وڌيڪ چيو ته مقتول صحافي جي قتل بابت ۽ ھن جي اڳواٽ ٻڌايل خدشن بابت گهڻ رکي جاچ ڪري رھيا آھيون ته جيئن ڪنهن بيگناهه کي سزا نه ملي سگهي

صحافي جي بيگناهه قتل بابت سنڌ جي وڏي وزير،  آءِ جي سنڌ،  آر پي او کان سخت ھدايتون پڻ مليل آهن ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آڻي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي

ٻئي طرف پڊعيدن پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شهيد علي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شڪيل احمد راڄپر سميت ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر ايم ظفر تڳر، زاهد راڄپر، زاهد قائمخاني، خادم سيال، مشتاق حسين مري، ساجد جويو، مجيب باريجو، مظهر خاصخيلي، عطا حسين سمون،گل مورو، محبوب ڪلهوڙو، فقير ميهر بهڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

About Author

Leave A Reply