مورو: اين ٽي ايس پاس ويڪسينيٽرن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج - Eye News Network

مورو: اين ٽي ايس پاس ويڪسينيٽرن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

0

مورو(اي اين اين) مورو ۾ اين ٽي ايس پاس ويڪسينيٽرن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، جن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي مختلف نعرا لکيل هئا

ان موقعي تي اڳواڻن رياض احمد ملاح، محمد يعقوب ڪورائي، محبوب اوڏ، محمد ياسين چانڊيو، راشد لغاري، آصف عباسي، عبدالغفار خشڪ، نثار لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو  ته اسان هڪ سال اڳ اين ٽي ايس پاران ورتل ويڪسينٽر جي ٽيسٽ ڏني هئي جنهن ۾ اسان ميرٽ جي بنياد تي پاس ٿيا هئاسين پر هن مهل تائين اسان کي نوڪرين جا آفر آرڊر نه ڏنا ويا آهن

هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو، سيڪريٽري صحت ۽ ٻين

.وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين جلد کان جلد نوڪرين جا آفر آرڊر ڏئي انصاف ڪيو وڃي

About Author

Leave A Reply