استاد ايوب چانڊيو جي سوين آلين اکين سان تدفين، گسٽا جو ملوث ٻنهي عملدارن خلاف سخت احتجاج - Eye News Network

استاد ايوب چانڊيو جي سوين آلين اکين سان تدفين، گسٽا جو ملوث ٻنهي عملدارن خلاف سخت احتجاج

0

نوشهروفيروز(اي اين اين) ڪلهوڙا اسٽيشن امتحاني سينٽر ۾ ڊيوٽي دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويل استاد محمد ايوب چانڊيو کي سوين آلين اکين سان مٺياڻي ويجهو ڳوٺ مير محمد چانڊيو جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، جتي سندس جنازي نماز ۾ گسٽا اڳواڻن، استادن سميت سياسي، سماجي شخصيتن، ڳوٺاڻن ۽ سندس شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

استاد جي تدفين بعد گورنمينٽ مدرسه اينڊ ڪئمپس هاءِ اسڪول نوشهروفيروز ۾ گسٽا جو ضلع اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا عبدالستار ڀيو ۽ تعليم کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري شمشاد احمد پاران ڪلهوڙا اسٽيشن تي ايڪسٽرنل کي ڌمڪيون ڏيڻ سبب ايڪسٽرنل جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي سخت مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ گسٽا جي وفد ڪلهوڙا سٽيشن پهچي اسڪول جي اسٽاف کان واقعي بابت حقيقتون معلوم ڪيون.

اسٽاف گسٽا اڳواڻن کي ٻڌايو ته تعليم کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا جو ايڪسٽرنل سميت ٻئي اسٽاف سان رويو انتهائي غير مناسب ۽ ڌمڪين وارو هو جنهن سبب ايڪسٽرنل محمد ايوب سخت پريشان ٿي ويو ۽ امتحاني بلاڪ ۾ شاگردن جون سلپون ڏسڻ دوران کيس دل جو دورو پيو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.

گسٽا جي ضلع صدر نصرالله ميمڻ، اسلم ڪوريجو ۽ ٻين ٻڌايو ته حقيقتون معلوم ڪرڻ بعد اسان ڊپٽي سيڪريٽري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي ايڪسٽرنل جي موت جو ذميوار سمجهون ٿا ۽ واقعي خلاف احتجاج ڪرڻ سان گڏ قانوني طريقو اختيار ڪرڻ لاءِ نصرالله ميمڻ، محمد پريل ڪاڪيپوٽو ۽ راشد عباسي تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا قانوني ماهرن سان ملي ڪيس تيار ڪرائيندي.

هنن چيو ته سڄي ضلع ۾ استادن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون،  جڏهن ته استاد جي ٽيجهي بعد وارثن سان ملي آئنده لاءِ لائحه عمل تيار ڪيو ويندو.

About Author

Leave A Reply