لاڙڪاڻي ۾ ادب ميلو - Eye News Network

لاڙڪاڻي ۾ ادب ميلو

0

لاڙڪاڻو(اي اين اين)سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي پاران بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ۾ ادب فيسٽول 2019 جي عنوان سان هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن تقريب ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، يونيورسٽي انتظاميه جي عملدارن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، عبدالغفار تبسم، ناياب سرڪش سنڌي، عيسيٰ ميمڻ، فقيرنور تنيو، ذيشان شيخ، فرحان شيخ، چاهت، رضوانه سميت ايم اي فائنل جي شاگردن ۽ شاگردياڻي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

جڏهن ته فيسٽول ۾ مختلف قسمن جي ڪتابن ۽ بوڪن جا سٽال پڻ لڳايا ويا، جن اسٽالن تان شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ڪتاب پڻ خريد ڪيا ويا، ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف قسمن جا ٽيبلوز پيش ڪري تقريب ۾ ويٺل ماڻهن کان خوب داد حاصل ڪيو

ان موقعي تي تقريب ۾ آيل مهمانن ۽ اسڪول انتظاميه جي عملدارن ادبي جي حوالي سان خطاب ڪيو

About Author

Leave A Reply