نوشهروفيروز:نينگر کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ ڀيڻويو جبار چانڊيو ڊي اين اي ٽيسٽ بعد گرفتار - Eye News Network

نوشهروفيروز:نينگر کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ ڀيڻويو جبار چانڊيو ڊي اين اي ٽيسٽ بعد گرفتار

0

نوشهروفيروز(اي اين اين)ابڙان ڀرسان زيادتي بعد مڻڪو ڀڃي ماريندڙ قاتل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ڊي اين اي ٽيسٽ جي رپورٽ کان پوءِ جوابدار عبدالجبار چانڊيو جو سينئر سول جج عبدالحفيظ چاچڙ جي عدالت مان چئن ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويو

تفصيل موجب تقريبن اڍائي مهينا اڳ ابڙان ويجهو ڳوٺ احمد خان چانڊيو مان اغوا بعد جنسي ڏاڍائي کان پوءِ قتل ڪيل 12 سالن جي نينگر ڪامران چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدار عبدالجبار ولد غلام قادر چانڊيو کي نوشهروفيروز پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي

ان سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي ايس پي نوشهروفيروز محمد ايوب درس ۽ جاچ آفيسر ايس ايڇ او هالاڻي عبدالله اعواڻ ٻڌايو ته ڪامران چانڊيو جو مُک جوابدار سندس ڀيڻويو عبدالجبار ولد غلام قادر چانڊيو آهي، جنهن ساڻس زيادتي ڪئي ۽ ان کانپوءِ سندس مڻڪو ڀڃي کيس ماري وڌو

حساس معاملو هجڻ ڪري اسان 44 کان 50 سي مين کي ڪيميڪل ڪرائي لمس ڄامشورو مان ڊي اين اي ڪرائي جنهن مان مٿين جوابدار جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي. ڊي ايس پي ايوب درس ٻڌايو ته اسان لمس مان 22 مارچ تي ڊاڪٽرن جي هڪ خصوصي ٽيم ٻيهر نوشهروفيروز گهرائي ته جيئن مقتول جي ڪپڙن تي لڳل سي مين جي نشانن جو سمپل پنهنجي نگراني ۾ وٺي موڪليون جنهن کان پوءِ انهيءَ جوابدار کي سوگهو ڪيو ويو آهي

هن ٻڌايو ته قتل ڪيس ۾ جانچ لاءِ هڪ لک رپيا ملندا آهن پر سرڪار آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي خصوصي طور 4 لک رپيا ڏنا جنهن کان پوءِ ان ڪيس جي منطقي انجام تي پهتا آهيون ۽ جوابدار کي سينئر سول جج عبدالحفيظ چاچڙ جي

.عدالت ۾ پيش ڪري چئن ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪيو آهي

About Author

Leave A Reply