گهرو کاتي جي سيڪريٽري جي ڀاءَ رهواسين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو، زمينن تي قبضا، متاثرن جو احتجاج - Eye News Network

گهرو کاتي جي سيڪريٽري جي ڀاءَ رهواسين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو، زمينن تي قبضا، متاثرن جو احتجاج

0

نوشهروفيروز(اي اين اين)گهروکاتي سنڌ جي سيڪريٽري جي ڀاءُ جي ظلمن خلاف ڳوٺاڻو دانهن کڻي پريس ڪلب پهچي ويو، جتي احتجاج ڪندي ڳوٺ ڪوڙو اڄڻ جي رهواسي ڳوٺاڻي محمد الياس قاضي ٻڌايو ته سنڌ جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري قاضي عبدالڪبير جو ڀاءُ قاضي ڪرار جيڪو روينيو کاتي دادو ۾ اسسٽنٽ آهي سندس زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي

هن پنهنجي زمين سروي نمبر 233 ۾ پلاٽنگ ڪئي آهي جنهن جو رستو وري هن پوليس جي ڏڍ تي سندس زمين ۾ پوکيل ڪڻڪ جو فصل ٽريڪٽر سان ڀيلائي ڇڏيو آهي

هن ٻڌايو ته گهرو کاتي جي سيڪريٽري جي ڀاءُ پوليس جي مدد سان علائقي ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي روينيو کاتو به ساڻس مليل آهي ۽ مختيارڪار ڀريا نياز اڄڻ زمين جي غير قانوني سروي ڪري رهيو آهي جيڪو سندس اختيار ئي ناهي

سروي جو اختيار سروي آف پاڪستان کي آهي. هن چيو ته کيس گهرو کاتي جي سيڪريٽري جو ڀاءُ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته کيس بااثر ماڻهن جي ظلم کان بچايو وڃي ۽ زمين تان قبضو هٽائي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي

About Author

Leave A Reply