ڪوٽ غلام محمد: گونگي ناري کي ساهرن هٿان قتل ڪرڻ جو انڪشاف، والدين پاران انصاف جي گهر - Eye News Network

ڪوٽ غلام محمد: گونگي ناري کي ساهرن هٿان قتل ڪرڻ جو انڪشاف، والدين پاران انصاف جي گهر

0

ڪوٽ غلام محمد(اي اين اين)ڪوٽ غلام محمد شهر جي غريب آباد پاڙي جي رهواسي غريب مسڪين پيرسن قيصر خان کوسو ۽ سندس پيرسن زال مسمات فاطمه کوسو ۽ ٻين گهر ڀاتين سان سندس ئي گهر ۾ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي 30 سالا گونگي ڌي 7 سال اڳ بدين شهر ڀرسان ڳوٺ سهراب خان چانڊيو ۾ پوليس اهلڪار سارنگ چانڊيو سان پرڻائي هئي

اسان کي گذريل ڏينهن هنن فون ڪري ٻڌايو ته اُوهان جي ڌي سم نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي آهي، جنهن بعد اسان بدين پهتاسين جتان پنهنجي گونگي ڌي جو لاش ڏٺوسين ته سندس جسم ۽ گلي تي تشدد جا واضح نشان هئا.

هنن اسان جي هڪ به نه ٻڌي ۽ اسان ماٺ ڪري پنهنجي نياڻي جو لاش کڻائي ڪوٽ غلام محمد پهتاسين جتي ناري جا ساهرا پڻ پهچي ويا ۽ ڪنهن به قسم جي ڪاروائي ڪرائڻ نه ڏني جنهن ڪري مجبورن اسان ناري جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بنا مٽي ماءَ حوالي ڪري ڇڏيو.

ناري جي والدين صحافين آڏو روئيندي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي کي سندس مڙس سارنگ چانڊيو ۽ علي گل چانڊيو، محرم چانڊيو، غازي خان چانڊيو وارن قتل ڪيو آهي.

اسان غريب مسڪين ماڻهن سان انصاف ڪيو. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اسان جي ناحق قتل ڪيل نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

About Author

Leave A Reply