You are at:Home»News»Local»لاڙڪاڻي ۾ ٽرئفڪ مسئلن تي ويهڪ، شهرين ۽ عملدارن جا هڪٻئي تي الزام، چنگچيون ذميوار قرار، ماڻهو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، سوڪ سينس تي زور
لاڙڪاڻي ۾ ٽرئفڪ مسئلن تي ويهڪ، شهرين ۽ عملدارن جا هڪٻئي تي الزام، چنگچيون ذميوار قرار، ماڻهو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، سوڪ سينس تي زور
Larkana: Speakers of seminar on Traffic problems in city. (ENN)
لاڙڪاڻو (اي اين اين) ڪراچي جي شهري نالي سماجي تنظيم پاران لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ جا مسئلا عنوان تحت سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽريفڪ سارجنٽ عبدالوحيد ابڙو ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ 22 هزار چنگچيون آهن، جن مان هڪ به رجسٽرڊ نه آهي. دڪاندار دڪان جو سامان 12 فوٽ ٻاهر ڪڍي رکن ٿا، انڪروچمينٽ تمام گهڻي آهي 40 ميڊيڪل سينٽر آهن، پر پارڪنگ ڪنهن کي به نه آهي
روزانو 6 هزار شاگردياڻين کي کڻڻ لاءِ 4 هزار گاڏيون گرلس ڪاليج اچن ٿيون پارڪنگ نه هجڻ ڪري گاڏيون اتي بيهن ٿيون. ٽرڪون ۽ ٽرالا شهر ۾ اچن ٿا جيڪي ٽريفڪ خراب ڪن ٿا اسان بيوس بڻيل آهيون انتظاميه ان لاءِ اڳتي اچي شهر جا ماڻهو ٽريفڪ واري سان ڪار جو شيشو هيٺ نه ٿا لاهي ڳالهائين
هن ٻڌايو ته ننڍي عمر جي اڍائي سئو ڊرائيورن کي چالان ڪيو آهي اڳ هڪ سئو پنجويهه ٽريفڪ اهلڪار هئا هاڻي60 ٽريفڪ اهلڪار آهن
پي پي اڳواڻ ڊاڪٽر سڪينه گاد چيو ته ڊي سي جاويد جاگيراڻي شهر مان چنگچيون روڪرايون ته شهر جي ٽريفڪ صحيح ٿي وئي اسان ٻانهن لوڏي گهمندا هئاسين هاڻي به شهر اندر چنگچي داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي وڃي ته شهر ۾ سڪون اچي ويندو
ڊاڪٽر فاروق شيخ چيو ته ٽريفڪ اهلڪار ڪم نه ٿا ڪن رڳو وات پٽي بيٺا آهن، ٽريفڪ سارجنٽ چيو اوهان جو جنريٽر 12 فوٽ ٻاهر روڊ تي رکيو آهي ڀرسان ڪار بيهاريو ٿا جنهن ڪري ٽريفڪ ڦاسي پوي ٿي، اسان ڪنهن تي آڱر کڻو ٿا ته ميڊيا تي فوٽو اچي وڃي ٿو
شهري اتحاد جي صدر نياز ابڙو به ٽريفڪ اهلڪارن تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ريڙهي واري تي ظلم ڪن ٿا پر پئسي واري کي ڇڏي ڏين ٿا اهو ٻٽو معيار نه هجي. سيد جاويد شاهه چيو ته شهرين کي سوڪ سينس لاءِ جاڳرتا سيمينار ڪرائڻ گهرجن انڪروچمينٽ، روڊ ٽٽل، گدام ۽ مينهن جا واڙا شهر کان ٻاهر ڪڍيا وڃن، ٽرڪون ۽ ٽرالن جي شهر ۾ داخلا بند ڪئي وڃي. سيمينار ۾ ڪراچي کان آيل وقار احمد، عمر ٻرڙو، روزينه شيخ، صائمه جوڻيجو، ۽ ٽريفڪ سارجنٽ زون 2 علي ڏنو جتوئي، راجا گاڏهي، منير پيرزادو ۽ نثار مغيري پنهنجا ويچار ونڊيا